پستول

پستول: هڪ قسم جو بارودي هٿيار آهي ، جنهن کي 1540ع ۾ اٽليءَ جي هڪ شهر پستويا ۾ ايجاد ڪيو ويو . اتان هيءُ انگلستان جي رستي جرمنيءَ پهتو . شروع ۾ پستول تمام وڏو ۽ ڳرو هوندو هو . 1835ع ۾ آمريڪا جي هڪ شهري ’ڪولٽ ‘ پستول ۾ سڌارا آندا ۽ هن کي هاڻوڪي ڊزائين ڏني . ريوالر به پستول جو هڪ قسم آهي . جنهن جي چئمبر ۾ گوليون پون ٿيون ۽ چرخيءَ وانگر ڦرندو آهي . هاڻي ته خودڪار پستول/ ريوالر به ايجاد ٿيا آهن .


لفظ پستولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو