تضاد

تضاد

تضاد

تضاد (ڪتاب ):هي سنڌ- هند جي مشهور شاعر واسديو موهيءَ جي انهن ڪوتائن جو مجموعو آهي، جن کي نئين ڪوتا چيو ويندو آهي. واسديو موهي اصل ۾ ميرپورخاص سنڌ ۾ 1944ع ۾ جنم ورتو هو. واسديو هند ۾ نئين ڪوتا جي معيار کان جديد شاعرن جي پهرين صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي زبان جي برک ليکڪ موهَن ڪلپنا لکيو آهي، جنهن مهاڳ ۾ واسديو جي شاعريءَ متعلق همعصرن جا رايا به شامل ڪيا آهن. موهن ڪلپنا لکي ٿو ته موهي تحت الشعور جي غير منطقيت جو حامي، هستيوادي (وجوديت) شاعر آهي. موهيءَ جي هن ڪوتا ۾ بحر وزن نه آهي، پر موهيءَ جي جذبي ۽ فڪر ۾ بحر ۽ وزن ٻئي آهن. نئين ڪوتا جي حقيقت اُس، مينهن، سوڪ، اونده ۾ ڦٽندڙ ٻوٽي جيان آهن. واسديو موهي پنهنجي پاران لکي ٿو ته:”روايتي ڪويتائن جيان هنن ڪويتائن جو مقصد دل جي ڪومل تارن کي ڇيڙڻ ناهي، ان بجاءِ هي پاٺڪن (پڙهندڙن) جي ڪلپنا کي ڇيڙينديون.“ ڪلپنا ڪتاب گھر پاران، موهن ڪلپنا هن ڪتاب کي اُلهاس نگر مان مارچ 1975ع ۾ شايع ڪيو. ڪچي جلد سان، ڪرائون سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 7 روپيا آهي .


لفظ تضادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو