ترنج

تُرَنجُ: هڪ ميوو، جنهن جا ٻه قسم ٿين: هڪ ننڍو ترنج، جنهن جي وڻ جا پن ڪارا ٿين ۽ ٻيو وڏو ترنج، جنهن کي ”بالنگ“ به چوندا آهن. ٻئي خوشبودار ٿين. سواد ڪڙو ۽ ترُش، حڪيمن موجب مزاج سرد، گل گرم ۽ خشڪ ۽ پن سَنها ٿين. ترنج نارنگيءَ کان ڪجهه وڏو، ڳاڙهي کل سان، ٻن قسمن (کٽي مٺي ذائقي) وارو ٿيندو آهي. دل ۽ دماغ کي فرحت ڏئي ٿو .


لفظ ترنجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو