انگلنڊ جي تاريخ

انگلنڊ جي تاريخ (ڪتاب ):هن موضوع تي گهڻن ليکڪن انگريزي ٻوليءَ مان ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايا، جو ان وقت ضرورت مطابق سنڌ جي شاگردن کي هاءِ اسڪولن ۾ انگلنڊ جي تاريخ پڙهڻ لازمي هئي. ڪن ليکڪن سڄا ڪتاب ترجمو ڪيا ته ڪن مختصر لکيا. ڪن ماڳهين اختصار ڪيو. بهرحال ان وقت هن نالي وارا جيڪي ڪتاب ڇپيا ۽ معلوم ٿي سگهيا، تن جي ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي:
انگلنڊ جي تاريخ (ڀاڱو پهريون ):هن ڪتاب جو مترجم پرڀداس آنندرام آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هو. 400 صفحن جو هيءُ ڪتاب، ليٿو ۾ ڇپيل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت هڪ رپيو آهي. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي جي ڇاپخاني ڪراچيءَ مان 1868ع ۾ شايع ٿيو.
انگلنڊ جي تاريخ: هن ڪتاب جا ليکڪ واڌومل چنديرام ۽ پرڀداس آنندرام آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هئا. ليٿو ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا 350 صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه 14 آنا آهي. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1871ع ۾ ڇپيو.
انگلنڊ جي تاريخ (ڀاڱو پهريون ):هن ڪتاب جو ليکڪ تاراچند شوقيرام آڏواڻي هو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي ۾ ٽرانسليٽر هو. هيءُ 79 صفحن جو ڪتاب الوهي ڇاپي ۾ ڇپيل آهي. ڪتاب جي قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1886ع ۾ شايع ٿيو.
هن تاريخ جو ڀاڱو ٻيو، جنهن جو ليکڪ پڻ تاراچند شوقيرام هو، ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1886ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 52 صفحا آهن ۽ قيمت 3 آنا ڄاڻايل آهي.
انگلنڊ جي تاريخ: هن ڪتاب جو ليکڪ بولچند ڪوڙومل جڳتياڻي آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي تعليم کاتي سان واسطو رکندڙ هو. ٽائيپ ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا 567 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1892ع ۾ ڇپيو.
انگلنڊ جي تاريخ (ڀاڱو ٻيو ):هن ڪتاب جا مترجم چانڊومل ۽ مولچند آهن. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 14 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٻيو، هندو پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1925ع ۾ ڇپيو.
انگلنڊ جي تاريخ (ڀاڱو ٻيو ):هيءُ ڪتاب چيلارام کيمچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائونس ائيز واري هن ڪتاب ۾ 227 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. ليکڪ هيءُ ڪتاب نئشنل اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1935ع ۾ ڇپايو.
انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب راڌا ڪرشناڻيءَ ۽ رامچند لالومل جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جا 114 صفحا آهن ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٽيون، مولچند ميگهراج، راجپوت پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1937ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، جشن مل هيمنداس، هيمراج پرنٽنگ پريس، سکر مان سال 1954ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب قاضي علي رضا جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 13 صفحا آهن ۽ قميت 12 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، نوتنداس گوپچند ڀاٽيا سال 1938ع ۾ ڇپايو.
انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب ايڇ. ايل ڇٻلاڻيءَ ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 148 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٻيو، ليکڪن، سواستڪا پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1940ع ۾ ڇپايو.
انگلنڊ جي تاريخ (ڀاڱو پهريون ):هيءُ ڪتاب جشن مل شيوارام جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 220 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 2 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون موهن لعل پوڪرداس، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1946ع ۾ ڇپايو.
انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب نند لال پوڪرداس ڪالرو جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 246 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 4 آنا ڄاڻايل آهي. اُن جو ڇاپو سترهون، موتي رام گرڌاري داس، موتي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپايو.
انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 103 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 2 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد مان سال 1951ع ۾ ڇپايو.
انگلنڊ جي تاريخ: هيءُ ڪتاب مرزا اجمل بيگ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو پڪو جلد آهي، جنهن ۾ 253 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، محمد يوسف ائنڊ برادرس، حيدرآباد مان سال 1953ع ۾ ڇپايو .


لفظ انگلنڊ جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو