انگرکو

انگرکو: هڪ قسم جو پهراڻ، جنهن ۾ گلو ساڄي پاسي تي ٺهيل هوندو آهي ۽ پهراڻ ۾ ڪَهِيُون هونديون آهن، جن سان پهراڻ ٻڌبو آهي. اهو پهراڻ خاص ڪري هندو ڪِراڙ (هٽ واڻيا) پائيندا آهن. ان جي برعڪس مسلمانن جي پهراڻ جو گلو کاٻي پاسي رکيل هوندو آهي ۽ ان ۾ ٻِيڙن جي بدران سَرٽ (سُٽ مان ٺهيل ٻيڙا) ٽاڪيل هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو