ٿي نه سگهيس شاعر

ٿي نه سگهيس شاعر

ٿي نه سگهيس شاعر

ٿي نه سگهيس شاعر (ڪتاب ):هي ناليواري ليکڪ ۽ شاعر نصير مرزا جي سموري شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي. هِن ڪتاب کي وڏي عقيدت منجهان نثار حسيني جي نانءُ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناليواري شاعر امداد حسينيءَ هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ شاعر شيام جئه سنگهاڻيءَ لکيو آهي. هي ڪتاب پڪي جلد ۽ اعليٰ ڇپائيءَ سان گڏ 184 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو