پير احسان الله شاهه راشدي

پير، احسان الله شاهه راشدي: پير احسان الله شاهه ولد پير رشد الله شاهه راشدي تاريخ 27 رجب سن 1313هه مطابق 15 جنوري 1896ع تي ڳوٺ پير جھنڊي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو، تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ”دارالرشاد“ مان حاصل ڪيائين. علمي فراغت کان پوءِ پاڻ کي پيريءَ مريديءَ ۾ مشغول رکيائين. هي وڏو علم دوست ۽ ادب پرور انسان هو. هن عاليشان ڪتبخانو تيار ڪيو. ان کان سواءِ کيس تحرير ۽ تقرير جي فن ۾ به مهارت حاصل هئي. سندس لکيل ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:
(1) رسـالــو ’الـمـقـالة الـمـحبـوبـة فـي الـدعـاءِ بعـد صـلـواة امـڪتوبة‘، (2) ’خيمة الزجاجة في شرح ابن ماجة‘.
جڏهن سنڌ ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو ته پاڻ ان ۾ ڀرپور حصو وٺي انگريزن خلاف ڪم ڪيائين. تاريخ 15 شعبان سن 1358هه مطابق 30 سيپٽيمبر 1939ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو