ٻنوي سيف

ٻنوي سيف: سيف ٻنوي اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ صحافي آهي. سندس اصل نالو محمد رحيم آهي ۽ سيف تخلص اٿس. ٺٽي ضلعي جي ٻني، شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري ٻنوي سڏجي ٿو. هو 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول سعيدپور مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. ڏهن سالن تائين مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد 1972ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. 1972ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جو شاگرد رهيو ۽ آنرس جا ٻه سال ڪرڻ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. 1974ع کان 1976ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ جو مئنيجر رهيو. 1976ع ۾ روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪا شيخ عزيز جي ادارت ۾ شايع ٿيندي هئي. ان بعد اڄ سوڌو مختلف اخبارن هلچل وغيره ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس سياسي وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهي ۽ هو ان پارٽي جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي والد جي مدد سان شاعري شروع ڪيائين ۽ ان بعد هر آچر تي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو رهيو ۽ پنهنجي استاد ۽ نامياري شاعر ساقي سجاوليءَ کان رهنمائي وٺندو رهيو. سندس شاعري پنهنجي دور جي مقبول رسالي روح رهاڻ ۾ به شايع ٿي، اڄ ڪلهه فري لانس صحافي طور ڪم ڪري ٿو. سندس ٻه پٽ به صحافتي دنيا ۾ آهن. هن جا سائين جي. ايم سيد سان به واسطا رهيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.06.21  عيسوي

سيف ٻنوي 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1962.00.00  عيسوي

1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو.


1976.00.00  عيسوي

1976ع ۾ روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شالم عاشر زيويئر
خان آف قلات
ڏيپچند ٽي اوجها
دلشاد
چراغ شاه
ايسٽ وڪ وليم جوزف
جامي مولانا عبدالرحمان
خواجه امام الدين مجددي شڪارپوري
پاٽائي شيخ رڪن الدين
شير محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون