شوڪت حسين شورو: شخصيت ۽ فن (ڪتاب)

شوڪت حسين شورو: شخصيت ۽ فن (ڪتاب)

شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن

شوڪت حسين شورو: شخصيت ۽ فن (ڪتاب): ناليواري ڪهاڻيڪار،ڊراما نگار شوڪت شوري جي علمي ادبي خدمتن تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب محمد عثمان منگي آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر مرتب لکيا آهن. ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ شوڪت شوري جي شخصيت ۽ فن تي مختلف ليکڪن جا 28 مقالا شامل آهن. ٻئي حصي ۾ سندس چار ڪهاڻيون، جن ۾: شاگرد اڳواڻ، اوپرو ماڻهو، اکين ۾ ٽنگيل سپنا ۽ خوف جو موت شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڪجهه انگريزي ۾ مضمون شامل آهن. هي ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ ڏنل آهن. 228 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ماڻڪ موتي تنظيم قاسم آباد، حيدرآباد 2001ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو