ترقي پسند ادب- ڪتاب

ترقي پسند ادب- ڪتاب

ترقي پسند ادب

ترقي پسند ادب (ڪتابي سلسلو ):هن نالي سان خادم امام مغل، ثاني ڪميونيڪيشنز حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڪتابي سلسلي جي شروعات ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پهريون مجموعو ”ترقي پسند ادب“نالي سان ڪرائون سائيز جي 272 صفحن تي مشتمل هو. اخباري پني ۽ پيپر ٽائيٽل سان ڇپايل هن 51 ڪهاڻين تي مشتمل ڪتابي سلسلي جي قيمت 15 رپيا ۽ تعداد 2000 آهي، جيڪو ڀٽائي پرنٽنگ پريس لطيف آباد، حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن مجموعي ۾ امرجليل، سراج الحق، حميد سنڌي، نجم عباسي، محمد عثمان ڏيپلائي، رسول بخش پليجي، عبدالقادر جوڻيجي، آغا سليم، علي بابا، جمال رند، غلام رباني آگري، عثمان علي انصاري، طارق اشرف، غلام نبي مغل، وليرام ولڀ، ڪيرت ٻاٻاڻي، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءِ جعفري، شيخ حفيظ، ابن حيات پنهور، ايشور چندر، بشير مورياڻي، سندري اتمچنداڻي، قمر شهباز، ذوالفقار راشدي، شوڪت شوري، ماڻڪ ۽ ٻين جون ڪهاڻيون شامل آهن .


لفظ ترقي پسند ادبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو