مسز راءِ ناز علي

مسز راءِ ناز علي

بوزدار مسز راءِ ناز علي

بوزدار مسز راءِ ناز علي: راءِ ناز علي بوزدار 24 جون 1964ع تي پني عاقل ۾ ڄائي. هوءَ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي غلام مصطفيٰ بوزدار جي نُنهن آهي، جيڪو سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ به رهيو هو ۽ 1993ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي پني عاقل جي تڪ تان ايم پي اي چونڊيو هو. محترمه راءِ ناز علي بي. اي، ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ مان ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هوءَ عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي. هن وقت ڪچي آبادي، ڳوٺاڻي ترقي، پورهئي ۽ نوجوانن جي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبر آهي. سندس مستقل رهائش پني عاقل ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.06.24  عيسوي

بوزدار مسز راءِ ناز علي: راءِ ناز علي بوزدار 24 جون 1964ع تي پني عاقل ۾ ڄائي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر انڍڙ
ڀائي پرتاب
جسوڌڻ
شوڀا لالچنداڻي
پير آغا عبدالله جان سرهندي
بخاري مستور فاطمه
ابو الليث صديقي پروفيسر
دائود شورو
مظفر علي شجراع حاجي
رام بخشاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون