جسوڌڻ

جسوڌڻ: ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ عربن جي دور کانپوءِ سنڌ ۾ ستن راڻن جي سرداريءَ جو ذڪر ٿيل آهي، جن مان هڪ جو نالو ’جسوڌڻ آگرو‘ هو، جنهن کي برهمڻ آباد جو حاڪم ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان جسوڌڻ آگرو، برهمڻ آباد واري ايراضي، جيڪا لوهاڻي درياهه سان لڳندي هئي، ان جو پڻ حاڪم هو. جيئن ته هيٺ لاڙ ۾ ”پٽيهل جو ڍورو“ساڳئي درياهه جي شاخ هو، ان ڪري شاهه سائينءَ جي رسالي جي سُر ڏهر ۾ جسوڌڻ راءِ جو ذڪر پٽيهل ڍوري سان لاڳاپيل آهي. سنڌ جي سگهڙ راوين کان جسوڌڻ جا جيڪي اهڃاڻ مليا آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته جسوڌڻ، مُهڙ جو پٽ هو، جنهنڪري سگهڙن کيس ‘جسوڌڻ مهراڻي‘ جي نالي سان به سڏيو آهي .


لفظ جسوڌڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو