بهار علي بهار

بهار علي ”بهار“: جيڪب آباد جو مشهور سگهڙ بهار علي ”بهار“ ٻرڙو ولد وزيراحمد ٻرڙو، 3 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ ميرپور ٻُرڙي، تعلقي ٺل ۾ ڄائو. زميندار گهراڻي سان سندس تعلق آهي. مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. سندس تخلص ”بهار“ آهي. سُگهڙپائيءَ جي سڀني صنفن ۾ مهارت اٿس. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ”سينگار شاعريءَ“ ۾ سندس شاعري ۽ ذڪر شامل آهي. سنڌ سگهڙ سالڪ ويلفيئر ائسوسيئيشن جو مرڪزي صدر پڻ رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس ڪلام ڇپجندو رهي ٿو. هارس ائنڊ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي سگهڙپائيءَ جي خدمت عيوض کيس مڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.02.03  عيسوي

بهار علي ” بهار “ : جيڪب آباد جو مشهور سگهڙ بهار علي ” بهار “ ٻرڙو ولد وزيراحمد ٻرڙو ، 3 فيبروري 1965ع تي ڳوٺ ميرپور ٻُرڙي ، تعلقي ٺل ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين شيرازي بکري
احمد حسن داني
بابا ذهين شاهه تاجي
عبدالسلام ٿھيم
بابل خان جکراڻي
اسرار لغاري
شمشير خان اوزبڪ
خواجه احمد عباس
تڳيو چانگ
ابو جعفر طوسي رح
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون