بشير سيتائي

بشير سيتائي

بشير سيتائي

بشير سيتائي: مشھور شاعر بشير سيتائيءَ جو اصل نالو بخشل ولد آخوند محمد موسيٰ ڀٽي آهي. سندس جنم 8 جولاءِ 1949ع تي سيتا وليج ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ايم.اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۽ ايل. ايل. بي تائين تعليم حاصل ڪئي. شاعريءَ جي ابتدا 1966ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جا چار مجموعا: (1) ’سج سريکو سچ‘ (1987ع)، (2) ’ڏات نه ٿيندي مات‘ (1993ع)، ۽ ’جهوڻو منهنجو جيءُ‘ (2000ع)، ’اداس من جي اداس موسم‘ (شاعري) ڇپيل آهن. سندس اڻڇپيل تصنيفن ۾ ’جيون گهاڻي جيئن (ڪھاڻيون)، ’منهنجو آئينو‘ (يادون)، ’مون جي ڏٺا ماءُ‘ (خاڪا)، ’گوهر ناياب‘ (فارسي غزلن جو سنڌي ترجمو)، ’خوشبو ۽ جدا جدا‘ (فارسي بيتن جو سنڌي ترجمو) شامل آهن. 5 فيبروري 2016ع تي وفات ڪئي.


لفظ بشير سيتائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.07.08  عيسوي

بشير سيتائيءَ جو جنم 8 جولاءِ 1949ع تي سيتا وليج ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.


2016.02.05  عيسوي

بشير سيتائي 05 فيبروري 2016ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صمد حسين رضوي
غلام مصطفي سولنگي 1
دايو غمدل فقير
ثمامه رضه بن آثال
امداد سروري
عظيم الدين عظيم ٺٽوي
حبيب جالب
دائم فقير
انور هالائي
حاجي احمد بخش
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون