الهه بخش سرشار عقيلي

الهه بخش سرشار عقيلي

الهه بخش سرشار عقيلي

الهه بخش ”سرشار“ عقيلي: ناميارو شاعر الهه بخش ولد حافظ محمد صديق عقيلي ڪراچيءَ شهر ۾ 21 جنوري 1907ع تي ڄائو. ”سرشار“ سندس تخلص هو. روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ کان ملازمت شروع ڪيائين ۽ 1958ع ۾ ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. غزل جو بلند پايه شاعر ۽ عروض جو وڏو ماهر هو. هن نثر ۾ پڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو عقيدتمند هو. سندس تصنيفن ۾ ’رموز النساء‘، ’دعوت اسلام‘ (ترجمو)، ’مناسڪ الحج‘، ’سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ‘، ’علم هيئت‘، ’تذڪره سهروردي‘ شامل آهن. 15 جنوري 1972ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.01.21  عيسوي

الهه بخش 21 جنوري 1907ع تي ڄائو


1972.12.15  عيسوي

الهه بخش 15 جنوري 1972ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جواد جعفري
سيماب اڪبر آبادي
داغ ٽکڙائي
سيد باغن شاهه:
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
بدر قريشي
احمد شاڪر
محمد عثمان جمالي
افتخار عارف
صهبا اختر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون