داخلا نمبر 883
عنوان استاد بخاري
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 2586 ڀيرا
داخلا جو حوالو
استاد بخاري

استاد بخاري

استاد بخاري

استاد بخاري: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سيد احمد شاههاستاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر هو. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جيڪي هيٺيان آهن: ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ (1971ع)، ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)، ’اوتون جوتون‘ (1985ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)، ’سوچون، ڀڻڪا، واڪا‘ (1990ع)، ’لهر لهر دريا‘ (1990ع)، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘ (1991ع)، ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘ (1992ع)، ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘ (1993ع)، ’جستجو لاتقنطو‘ (1993ع)، ’ماندي ٿيءُ نه مارئي‘(1994ع)، ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)، ’ميلا ملهالا‘ (1996ع)، ’وطن ۽ ويساهه‘ (1997ع)، ’گلدستي ۾ گيت‘ (2007ع)، ’بخاريءَ جا قطعا‘ (2008ع)،

’پير نه هٽن پوئتي‘ (2007ع)، ’ڌوڙ دل تي درد جي‘ (2007ع)، گهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)، ’هي گجرا هي گولا‘ (1997ع)، ’هڙئي هيج وطن جا‘ (1998ع)، ’لهري لهري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)، ’ڳائي پيو جاڳائي پيو‘ (1999ع) ۽ ’تڙ تيڏيان ڳالهيان'>تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان‘ (سرائڪي شاعري- 2001ع). استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ”اکر اکر آرسي“ عنوان سان عزيز ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.

سنڌي زبان جو هيءُ ٻهڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. 10 آڪٽوبر 1992ع تي دادوءَ ۾ دفن ٿيو. سندس شخصيت ۽ فن تي تاج جويي جو ”قوم چوي ٿي ٻول“ نالي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس زندگيءَ ۽ فن تي ٻيو اهم ڪتاب نوجوان اديب علي دوست عاجز ”آديسي استاد“ نالي لکيو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 2005ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي نثري لکڻين، انٽرويوئن، مهاڳ وغيره تي مشتمل ڪتاب آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏئي ”سمي دريا، سمي صحرا“ عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن پاران 2007ع ۾ ڇپايو آهي. استاد بخاريءَ جا ڪلام جهر جهنگ فنڪار ڳائين ٿا ۽ سنڌ جو بيحد مقبول شاعر آهي.


لفظ استاد بخاري هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
ٻاراڻا ٻول (ڪتاب)
ٻالڪ سنڌي
ٻاويھين سنڌ ادبي ڪانفرنس
استاد بخاري
استاد شفيع فقير
اکر اکر آرسي
الهنواز نواز رُڪڻائي
امام بخش گهرياڻي
آديسي اسـتـاد
احمد خان سهاڳ
اختيار علي خشڪ
آزاد انور ڪانڌڙو
آزاد نظم
اياز گل
آگم پبلشنگ ايجنسي
بيدل مسرور
انور قنبراڻي
استاد نبي بخش مڱڻهار
اَنت محبوبي
تنقيد
ڀرڳڙي مشتاق
تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان
توفيق علي منگي
ڀيروي
ٽڳو محمد صالح
تابش بخاري
تَخلص
تيلي 2
پيرل پرديسي سيتائي
پيرل قنبر
پير محمد مراد جي مزار ۽ قبرستان
جمالي رفيق احمد
چانڊيو، زخمي
چؤسٽو
ڇهه سٽا
حسين بن منصور حلاج
خادم سخيراڻي
خاصخيلي، ذوالفقار علي
خليل عارف سومرو
دادو 1
درگاهه جهنگل شاهه
دل تنهنجي منهنجي هڪ آ
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.01.16  عيسوي

استاد بخاري: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سيد احمد شاهه ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو.


1992.10.09  عيسوي

استادبخاري 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون