داخلا ؛ 837
پڙهيو ويو ؛ 1705
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-01-26


تصويرون


Iram-Mehboob.jpg
ارم محبوب
ارم محبوب



ٽائيم لائين

1975.03.16-A.D
ارم محبوب: سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.




sindhianaسنڌيانا--ارم محبوب

ٽائيٽل ؛ ارم محبوب


شاخ : شاعر

ارم محبوب: سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ -جنم- ورتو. -ارم محبوب- مئٽرڪ تائين -تعليم- سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتي، گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ گورنمينٽ (زبيده) گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين.
ارم محبوب، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال -پاڪستان- ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس -انگريزي- شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي “Children’s Dawn” ۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1990ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ 1995ع کان لڳاتار ڪجهه سال -ان- جي فيچر -ايڊيٽر- رهي. -ارم محبوب- جي نثري نظمن جو مجموعو ’منهنجي ڌرتي‘ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي 1993ع ۾ نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن 1997ع کان صحافت ۾ به حصو ورتو. -ان- ڏس ۾ ”ٽين ايجر“ رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، -آغا- سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال -پاڪستان- ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس -انگريزي- شاعري، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامن، ڪالمن ۽ انٽرويوز جا ٻه مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. -ارم محبوب- کي منسٽري آف ڪلچر، ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرز پاران 1998ع ۾ ليڊر آف دي ييئر اوارڊ ملي چڪو آهي. -ان- کان سواءِ سنڌ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران پڻ کيس ڊپارٽمينٽل وڊيو مووي ”مومل جي ڪهاڻي“ ۽ -ان- جا ڊائلاگ لکڻ تي 2000ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو آهي. هيءَ وڊيو مووي سنڌ جي 5000 ڳوٺن ۾ ڏيکاري وئي. -ارم محبوب- ٻه ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو آهي ۽ اتي سنڌي اديبن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. -ان- کان سواءِ چين، فلپائين، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلئنڊ ۽ هانگ ڪانگ جا سفر پڻ ڪري چڪي آهي. سنڌ جي سمورن اهم سنڌي رسالن سهڻي، مهراڻ وغيره ۽ ڀارت جي رسالن ”ڪونج“، ”رچنا“ ۽ هوند راج بلواڻيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي ”ڦلواڙي“ ۾ سندس سنڌي شاعري ڇپجي چڪي آهي. هن ٻارڙن جي -اردو- رسالن ’نونهال‘، ’بچون ڪي دنيا‘، ’ٽوٽ بٽوٽ‘ ۽ ’جگنو‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين تي پروگرام ”منهنجو ٻالڪپڻ“ ۾ وڏن وڏن اديبن، فنڪارن، -تعليم- دانن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جا انٽرويو به ڪيا. -ارم محبوب- هڪ ئي وقت سنڌي، -اردو- ۽ -انگريزي- ٻولين جي ليکڪا آهي. هن سنڌ ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -ارم محبوب- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ارم محبوب - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن