ارجن ڪرشن

ارجن ۽ ڪرشن: ارجن ۽ ڪرشن ”مهاڀارت“ ۾ بيان ٿيل پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ جا ٻه مکيه ڪردار آهن. هن جنگ ۾ ارجن پانڊون جو سپهه سالار هو. شري ڪرشن جيڪو اصل ۾ (وشنو جو اوتار آهي) ”ارجن جي مدد لاءِ اچي ٿو ۽ هو ارجن جو رٿوان آهي. جنگ جو ميدان تيار ٿئي ٿو ۽ فوجون هڪٻئي جي سامهون اچن ٿيون. ارجن ان مرحلي تي پنهنجن مخالفن سان جيڪي سندس سوٽاڻ مان آهن، وڙهڻ نٿو چاهي ۽ خونريزيءَ کي پسند نٿو ڪري. ان وقت ڪرشن مهاراج ارجن کي سمجهائي ٿو ته اها خير ۽ شر، حق ۽ ناحق جي جنگ آهي.“ ڀڳوت گيتا ۾ اها گفتگو نظم جي صورت ۾ ملي ٿي. سڄو نظم نهايت اعليٰ قسم جو آهي. ان ۾ تقريباً ست سؤ شعر آهن. هونئن ڀڳوت گيتا مهاڀارت جو ڇهون حصو آهي.
جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي ته اهواندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0500.00.00  قبلِ مسيح

جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي ته اهواندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو ،


0400.00.00  عيسوي

ڀڳوت گيتا کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڌا ٻائي
صالح حاجاڻو
دائود بن يزيد
شفيع اوڪاڙوي مولانا
جون رضه
سلطان علي خان ٽالپر
زرينه حسين ناريجو
تيمور لنگ
فتح علي جتوئي
راز شاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون