احسن الهاشمي

احسن الهاشمي

احسن الهاشمي

احسن الهاشمي: احسن الهاشمي، سنڌي غزل جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل نالو سيد حسن علي شاهه ولد مٺن شاهه هو ۽ پاڻ مٽياروي سيدن جي اجناڻي پاڙي مان آهي، جن جي نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شهر جي ٽنڊي مير نورمحمد، لڳ گدو بندر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گدوبندر پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، ان کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، اوريئنٽل ڪاليج امرتسر ۽ درسگاهه ’عالم نزاد جاشڪ‘ ايران ۾ حاصل ڪيائين.
شاعريءَ ۾ اول وڏي ڀاءُ سيد حيدرشاهه ’حيدر‘ سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ طالب الموليٰ سائينءَ جي صحبت، رفاقت ۽ همت افزائي ساڻس شامل حال رهي. سندس شاعري اعليٰ پايي جي آهي. 43- 1942ع واري دور ۾ پهريائين خاڪسار تحريڪ ۽ پوءِ مسلم ليگ حيدرآباد شهر جي نئشنل گارڊ جو سالار اعليٰ رهيو. شاهه لطيف جو وڏو پارکو هو.
آخري وقت شاعريءَ جو شغل گهٽ، زمينداريءَ ڏانهن زياده لاڙو رکيائين، سندس ڪلام جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو. ڪجهه ڪلام هِتان هُتان هٿ ڪري تاج جويي ”سُڪل وڻ صحرا جو“ عنوان سان ترتيب ڏنو آهي ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي. پٽن جي غيرطبعي موت جي صدمي کيس ضعيف ۽ هيڻو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ اکين کان به وڏو ٿي ويو. دل جي باءِ پاس به ڪرايائين. 24 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين.


لفظ احسن الهاشميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.09.23  عيسوي

احسن الهاشمي: 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شهر جي ٽنڊي مير نورمحمد ، لڳ گدو بندر ۾ ڄائو


2007.01.24  عيسوي

احسن الهاشمي: 24 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين شاڪر
بلوچ تاج
پئبلو نرودا
’دردي صاحب خان جروار
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
رضوي سيد زوار حسين شاهه
آزاد محمد رمضان
سلطان باهو
ابو ضلع السندي
ٻڍل فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون