احسان دانش ڀٽو

احسان دانش ڀٽو

احسان دانش ڀٽو

احسان دانش ڀٽو: پروفيسر احسان الله عرف احسان دانش ولد حبيب الله مولا بخش ڀٽو 29 آگسٽ 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو، هن جي تعليم ايم. اي. ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان اسلاميات جو پروفيسر هو، جتان آگسٽ 2002ع ۾ رٽائر ٿيو. احسان دانش جو تعلق علمي ادبي گھراڻي سان هو، سندس ڏاڏو مولا بخش ’مسڪين‘ ڀٽو بيت جو وڏو شاعر هو سندس والد حبيب الله مولا بخش ڀٽو به هڪ سٺو شاعر ۽ مشهور اديب ٿي گذريو آهي، ان ڪري خانداني اثر هيٺ احسان الله دانش کي به ادب ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ 1953ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪيترا اهم مضمون جھڙوڪ: ’شڪارپور جو ماضي ۽ مستقبل‘، ’رحمت اللعالمينصه‘، ’Ethic of Holy Prophet‘، ’هجري سن‘ ۽ ’سکر دريا‘ وغيره مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن ’تعليماخبار به جاري ڪئي، جنهن جو پهريون پرچو 14 آگسٽ 1958ع تي نڪتو ۽ ان جا ڪل ٽي پرچا نڪتا. ان کانپوءِ آڪٽوبر 1986ع کان اها اخبارتعليم سلسلو‘ مئگزين جي صورت ۾ نڪرڻ لڳي، جنهن جا اٺ پرچا نڪتا. بعد ۾ جون 1989ع کان اهو سلسلو ’سرهاڻ پبليڪيشن شڪارپور‘ جي نالي سان شروع ڪيائين، جنهن جا چار پرچا نڪتا هئا. پروفيسر احسان الله ڀُٽي 27 جون 2010ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.08.29  عيسوي

احسان دانش ڀٽو 29 آگسٽ 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو


2010.06.27  عيسوي

احسان الله ڀُٽي 27 جون 2010ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فضل الرحمٰن شاهه رضوي
اعظم خان
پارس عباسي
سوڀراج پرسرام مينگهاڻي
جتوئي عبدالرحيم آزاد
ادا جعفري
ضياء الدين ضياء
ٺٽوي سيد احمد
تاج محمد شاهه سيد
پلي وڏيرو عبدالحڪيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون