ابوالحسن ڏاهري

ابوالحسن ڏاهري: سنڌيءَ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي شاعر ۽ عالم مخدوم ابو الحسن ڏاهري 1116هه/ 1704ع ڌاري پراڻي خارجاڻي، تعلقي قاضي احمد، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو بادل هو. 1136هه/ 1723ع ۾ جهونا ڳڙهه پڙهڻ لاءِ ويو. ڪاٺياواڙ- گجرات جو به سفر ڪيائين. ابوبڪر (هالائي)، مولانا نورالدين محمد احمدآبادي (احمدآباد) ۽ مولانا مرزا محمد خليل بدخشاني سندس اُستاد هئا، جڏهن ته شيخ عبدالرسول صديقي احمدآبادي (احمدآباد) نقشبندي طريقي ۾ سندس مرشد هو. جيڪو 5 ربيع الثاني 1148هه/ 14 آگسٽ 1735ع تي وفات ڪري ويو. هن ’ساوڙيءَ‘ ۾ مدرسو قائم ڪري درس ۽ تدريس جو شغل اختيار ڪيو. هن 1151هه/ 1738ع ۾ فارسي گرامر متعلق ڪتاب ’تِبيَانُ اَبنِيه فَارِسِيّه‘ لکيو، جنھن جو اصل قلمي نسخو نيشنل ميوزم، ڪراچي ۾ موجود آهي. ان کان پوءِ فارسي گرامر متعلق ٻيو ڪتاب ’نبراس تصاريف فارسيه‘ لکيو. جيڪو پروفيسر ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري جي سنڌي ترجمي ۽ اصل متن فارسي سان 1996ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. 1156هه/1743ع ۾ تصوف جي موضوع تي نقشبندي سلسلي بابت ڪتاب ’يَنَابِيعُ الحَيٰوةِ الاَبَدِيَةِ‘ فارسي زبان ۾ لکيو، جنھن جو سنڌي ترجمو ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان شايع ٿي چڪو آهي. اُنھيءَ ڪتاب جي پھرئين باب کي مرحوم ڊاڪٽر ابو الفتح محمد صغيرالدين، 1971ع ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي نگراني ۾ ايڊٽ ڪري Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. 1164 هه/1751ع ۾ ڪتاب ’سِرَاجُ المصلي‘ فارسي لکيو، جنھن تي ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري، علامه غلام مصطفى قاسمي جي زير نگراني 1995ع ۾ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي، 2007ع ۾ اهو ڪتاب سنڌي ترجمي ۽ فارسي شاعريءَ سان گڏ شايع ٿيو. سال 1176 هه/1762ع ۾ تصوف جي موضوع تي ڪتاب ’ڪچڪول نامه‘ فارسي شاعريءَ ۾ لِکيو، جيڪو 1965ع ۾ حيدرآباد مان ڇپيو. انھيءَ ساڳي سال فقه جي موضوع تي هڪ ڪتاب عربي زبان ۾ ’رَفَعُ العِزَيَةِ وَالمِريَةِ بِلاَمَينِ عَن اَحڪَامِ العَينِ وَالدَينِ‘ لِکيو، جنھن ۾ واپار ۽ قرض بابت 44 سوال ۽ جواب ڏنل آهن. ان کان سواءِ ’رساله نور فارسي‘ لِکيو، جيڪو سنڌي ترجمي سان مولانا محمد ادريس ڏاهري شايع ڪرايو آهي. ان کان سواءِ سندس لِکيل هڪ ڪتاب ’بنراس ميزان فارسي‘ به آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ پھرين چوٽيارين جي ڪتب خانه ۾ موجود هو ۽ هاڻي حافظ غلام محمد سوهو ضلعي ٺٽي واري مدرسي ۾ موجود آهي. هڪ ڪتاب’اَلبِدَعَةُ المَرعِيَةِ لِلوَزِنِ الشرعِيَة‘ آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1965ع ۾ ڳوٺ سن ساوڙي جي قاضين وٽ ڏٺو هو. ان کانسواءِ تصوف جي ٻين نڪتن تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا. ابو الحسن ڏاهري 1143 هه ۾ پنھنجي اُستاد مولانا نور الدين احمد آبادي سان گڏ حج تي ويو، جتان واپسيءَ ۾ سورت بندر کان ٿيندو احمد آباد ۾ رهيو. هن تاريخ 12 ربيع الاول 1181هه/ 8 آگسٽ 1767ع تي وفات ڪئي ۽ هاڻوڪي دوڙ اسٽيشن جي ڀرسان ڏاهرين جي ڳوٺ ۾ ’اَبُل‘ نالي قبرستان ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1704.00.00  عيسوي

سنڌيءَ ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جو شاعر ۽ عالم هو . هو نواب شاهه ( هاڻي ضلعي بينظيرآباد ) جي ڳوٺ ’ ساوڙيءَ ‘ ۾ 1116هه/1704ع ۾ ڄائو .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالحسن صغي
سفيان ثوري
عبدالصمد نورنگزادو مخدوم
سيد منصور ٺٽوي
شيخ نوح هوٿياڻي
در محمد نوناري مولانا
عبدالله ابو محمد انڍڙ
حافظ قاضي لعل محمد متعلوي
بابا صلاح الدين
صنجل هندي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون