تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڄام محمد ايوب عالياڻي **

ڄام محمد ايوب عالياڻي: ڪراچيءَ جي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي محفلن جو مور، سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ جو شاعر، ڄام مير محمد ايوب جو لاڳاپو، لسٻيلي (بلوچستان) جي عالياڻي ڄامن سان هو. هن جو والد ڄام مير خان عالياڻي، لسٻيلي رياست جو ڪيترا سال حاڪم رهيو. ڄام ايوب عالياڻي، 8 جنوري 1881ع ۾، ٻيلي (لسٻيلي، بلوچستان) جي شهر ۾ ڄائو. اڃا 15 ڏينهن جو هو ته سندس والده بيبي روشن وفات ڪري وئي. بعد ۾ سندس پيءُ، بيبي روشن جي ڀيڻ ۽ پنهنجي ساليءَ بيبي آغا مرتضيٰ بيگم سان شادي ڪئي. ڄام ايوب خان اڃا ستن سالن جو هو ته سندس والد ڄام مير خان به وفات ڪري ويو ۽ بيبي آغا بيگم، مير ايوب خان، مير مقبول ۽ پنهنجين ڌيئرن سان گڏ ڪراچيءَ ۾ اچي رهي ۽ پوءِ هميشه لاءِ ڪراچيءَ جا ٿي ويا. مير ايوب خان کي مير مقبول خان کان سواءِ پنهنجي والده مان ٻه ٻيا ڀائر مير يعقوب خان ۽ مير غلام علي خان هئا. مير ايوب خان جي والده پنهنجن ٻنهي پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. سنڌ مدرسي مان ميترڪ جو امتحان پاس ڪري ڄام مير ايوب خان، لاهور جي ايچي سن ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هن ڪاليج واري زندگيءَ ۾ ئي ادبي سرگرمين سبب ڪيترا انعام حاصل ڪيا. 1900ع ۾ مئڪ....وڌيڪ پڙهو