سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو
ڄام جرار: ڄام جرار ڪڪرالي جو حاڪم ٿي گذريو آهي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”جڏهن ڪڪرالي جو حاڪم 1000ھہ/ 1591ع ۾ ڄام جرار هو، تڏهن ڌاراجا جو حاڪم بہ زندھہ هو، جيڪو ڄام جرار جو دوست ۽ همعصر هو. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن ڄام جرار کي اکين ۾ سخت سور پيو، ڌارا جيءَ جو راڻو اهو ٻڌي کيس پڇڻ لاءِ ويو. هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هجڻ ڪري ڄام جرار پنهنجو مٿو راڻي جي گوڏي تي رکي چيو تہ مون کي ڪا سچي ڳالھہ ٻڌاءِ، متان خدا تعاليٰ انهيءَ جي برڪت سان منهنجي اکين جو سُور لاهي. ڌاراجيءَ جي راڻي چيو تہ: ”سچ جو شاهد خدا ڪافي آهي، مون کي ڪجهہ ڏينهن پهرين سمنڊ جو سير ڪري پرين جو حال معلوم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سو ڪجهہ رسد ۽ سامان سوڌا جھاز پاڻ سان کڻي سمنڊ ۾ گهڙي پيس. ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي اهڙي هنڌ پهتس، جتي اڳ ۾ ڪو بہ ماڻهو نہ پهتو هو. دل ۾ چيم تہ اڃا بہ اڳتي وڃڻ گهرجي، شايد ٻئي ڪناري جو پتو پئجي وڃي، اتفاقاً هلندي هلندي وڃي ظلمات پهتس، جتي سڀ جھاز غرق ٿيڻ لڳا، مون هڪدم ٽپو ڏئي پنھنجي جان بچائي ۽ هڪ وڻ تي وڃي ويٺس، انهيءَ وڻ تي هڪ وڏي پکيءَ جو آکيرو هو. مون رات اتي ئي گذاري ۽ صبح جو انه....وڌيڪ پڙهو