تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2025-05-03 عيسوي تاريخ ۾


1825.05.03ع :  آخوند عزيزالله ميمڻ 13 رمضان المبارڪ 1240هه / 3 مئي 1825ع تي وفات ڪئي . ... وڌيڪ پڙهو 1906.05.03ع :  . بچل شاهه وحدت الوجود جو قائل هو . بچل شاهه 3 مئي 1906ع تي 100 سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي ... وڌيڪ پڙهو 1920.05.03ع :  عالمي شهرت جو مالڪ سوڀو گيانچنداڻي، موهن جي دڙي کان پنج ڪلوميٽر اولهه ۾، صدين کان آباد هڪ ننڍي ڳوٺ ٻ... وڌيڪ پڙهو 1924.05.03ع :  اشتياق اظهر 3 مئي 1924ع تي ڪانپور (ڀارت) ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1936.05.03ع :   نامور تعليمي ماهر ايس. ايم قريشيءَ جو مڪمل نالو ڊاڪٽر شمس الدين ولد محمد بخش قريشي آهي. هن 3 مئي 19... وڌيڪ پڙهو 1939.05.03ع :  حاجي شاهه محمد بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏ باهو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1939.05.03ع :   ليکڪ، لائبرريئن ۽ پبلشر شاهه محمد ولد محمد بچل گاڏهي بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏباهو، تعلقي باقراڻي... وڌيڪ پڙهو 1946.05.03ع :  جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير ۽ سنڌ جو اڳوڻو امير مولانا اسد الله ولد محمد بچل ڀٽو پيشي جي لحاظ ... وڌيڪ پڙهو 1948.05.03ع :  ننڍي کنڊ جي مسلم ٿورائيءَ وارن علائقن جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ، لياقت علي خان جي حامين پاران ڪرا... وڌيڪ پڙهو 1950.05.03ع :  اياز عالم ابڙي 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1962.05.03ع :  پاول جوڻيجي تعليقي ميهڙ ۾ جنم ورتو... وڌيڪ پڙهو 1971.05.03ع :  3 مئي 1971ع تي ڳوٺ مسو خان تعلقي ماتليءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1982.05.03ع :  سيد خير شاهه 8 رجب 1402ع/ 3 مئي 1982ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1990.05.03ع :  سيد مظفر علي شاهه، 3 مئي 1990ع تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميرن جا قبا، حيدرآبا... وڌيڪ پڙهو 2009.05.03ع :  03 مئي 2009ع تي اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت سڀا پاران برڪت علي ڀٽ کي جئپور (انڊيا) ۾ ”سنڌي فنڪار اوا... وڌيڪ پڙهو 2015.05.03ع :   عبدالواحد آريسر 03 مئي 2015ع تي وفات ڪئي.سندس مزار ڳوٺ انڙآباد ۾ آهي .... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** چانهه (Tea) **

چانهه (Tea): چانهه جي پوک جي شروعات چين ۾ 2737 ق. م کان چئي وڃي ٿي. جتان پوءِ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي وئي. چين جي بادشاهه شين ننگ کي جڏهن اندر جي صفائيءَ جو جنون ٿيندو هو ته پاڻيءَ جي ديڳ ڪاڙهائي اُن جو پاڻي پيئندو هو. هڪ دفعي قدرتي پيدا ٿيل چانهه ٻوٽي جا پتا ان پاڻيءَ ۾ ڪري پيا، جنهن پاڻيءَ بادشاهه کي تازگي بخـشـي. مـعلوم ڪرڻ تي هن کي خبر پئي ته پاڻيءَ ۾ چانهه جون پتيون ڪري پيون هيون. ان کانپوءِ چانهه هڪ ناياب ٻوٽو شمار ڪيو ويو. انڊيا ۾ به روايت آهي ته مهاتما ٻُڌ جڏهن ڌيان گيان کان واپس موٽيو ته پاڻ سان گڏ چانهه ۽ ان جو ٻج کڻي آيو. ان کان پوءِ انڊيا ۾ چانهه جي پوک شروع ٿي. يورپ ۾ چانهه 1559ع ڌاري پهتي.

1664ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ چانهه جو سير کن انگلنڊ جي بادشاهه چارلس-II کي تحفي طور ڏياري موڪليو. پوءِ ته ٻن سالن اندر انگلنڊ جي معاشري ۾ چانهه فيشن بڻجي وئي. هن وقت دنيا جي جملي آدمشماريءَ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ ڀاڱو چانهه پيئندڙ آهي. هندستان ۾ گهڻي چانهه آسام ۾ ٿئي ٿي. سريلنڪا ۾ چانهه جي پوک ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿي آهي. برما ۾ به چانهه جي پوک چڱي انداز ۾ ٿئي ٿي.

چانهه جي ٻوٽن....وڌيڪ پڙهو