تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** بحر **

بحر: سمنڊ. وڏو ۽ ڳنڍيل پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو علائقو، جيڪو اصل ۾ دنيا جي سڄيءَ زمين جو 70 سيڪڙو آهي. سهوليت لاءِ اُن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ ۽ ٻين الڳ الڳ نالن سان سمنڊن ۾ ورهايو ويو آهي. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ حرارت موجود آهي، جنهن کي پاڻيءَ جون ويرون ۽ هوائون ورهائينديون آهن. بحري پاڻي هميشہ حرڪت ڪندو رهندو آهي. ويرون پاڻيءَ کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن کڻي وينديون آهن. سمنڊ جي سراسري گهرائي 500، 12 فوٽ آهي. هر 33 فوٽن جي گهرائيءَ تي فضا جو دٻاءُ 15 پائونڊ هڪ ڪيوسڪ فوٽ تي وڌي ويندو آهي. اڄ تائين معلوم ٿيل سمنڊ جي وڌ کان وڌ گهرائي 800، 35 فوٽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (بحرالڪاهل) جي ’سارياناس‘ ۽ ’نيروڊيب‘ وارن هنڌن تي آهي. بحري يا سامونڊي پاڻيءَ جي ڪثافت عام پاڻيءَ کان وڌيڪ آهي. خيال آهي تہ هن پاڻيءَ ۾ دنيا جا سڀ عنصر حل ٿيل حالت ۾ موجود آهن. البت ڪلورين، سوڊيم، تيزاب ۽ مئگنيشيم جو مقدار وڌيڪ آهي. سامونڊي جانور گهاٽي ۽ لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ گهٽ ويندا آهن. اُهي اهڙي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا، جتي آلودگي ۽ دٻاءُ گهٽ هجي ۽ روشني پهچي سگهي. ٽن وڏن سمنڊن کان علاوہ ڪي ٻيا سمنڊ بہ مشھور آهن: ’اتر وڏو سمنڊ....وڌيڪ پڙهو