ڇوٽڪارو

ڇوٽڪارو

ڇوٽڪارو

ڇوٽڪارو (ڪتاب): امام غزاليءَ جي عربي تصنيف ’المنقذ من الضلال‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو غلام حسين جلباڻيءَ ’ڇوٽڪارو‘ نالي سان ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ مترجم لکيو آهي. موضوع جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب ايمان جو معيار ۽ عمل جو ميزان آهي، هڪ سؤ پندرهن صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 1 رپيو 40 پئسا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1959ع ۾ نامياري دانشور ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي، سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


لفظ ڇوٽڪاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو