چاڳلا

چاڳلا: چاڳلا هڪ آڪهه جو نالو آهي. چاڳلا ’چاڳلو‘ لفظ مان جڙيو آهي. انهيءَ ڪٽنب جا ماڻهو، جن مان ڪي تيرهين صدي عيسويءَ ڌاري، اسماعيلي داعي پير صدرالدين جي تبليغ سان مسلمان ٿيا ۽ انهن کي هند ۽ سنڌ ۾ خواجا سڏيو ويو. ڊبليو آئيونوف هنن بابت لکيو آهي ته: ”سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ پنجاب ۾ لوهاڻن، ڀاٽين، کترين، اروڙا توڙي ٻين هندو جاتين اسلام جي اسماعيلي فرقي کي اختيار ڪيو. انهيءَ جاتيءَ سورهين کان ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ صنعت ۽ تجارت ۾ مکيه حصو ورتو“. هينئر به جتي ۽ جن ملڪن ۾ اسماعيلي آباد آهن، انهن ملڪن جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ڪٽنب سميت پوءِ چاڳلا ڪٽنب جا ڪي فرد، اثنا عشري فرقي ۾ هليا ويا. هن جاتيءَ مان پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُن ٺاهيندڙ احمد چاڳلا، غلام حسين چاڳلا توڙي غلام علي چاڳلا، سنڌ جون مشهور شخصيتون ٿي گذريون آهن.


لفظ چاڳلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو