سنڌ جي هڪ پوليس ٿاڻي جو ڏيک

سنڌ جي هڪ پوليس ٿاڻي جو ڏيک

ٿاڻو

ٿاڻو: ٿاڻي جي لفظي معنيٰ ماڳ، آستان يا ٿاڪ آهي.اڄڪلهه عام طور ٿاڻو لفظ پوليس اسٽيشن لاءِ ڪم ايندو آهي. اهو هنڌ، جتي ڪنهن واردات يا حادثي جي رپورٽ يا ڪيس رجسٽر ٿئي ۽ ڏوهارين کي لاڪپ ڪري سندن رمانڊ يا آڏي پڇا ٿئي.
• ڪوهستان ۾ خاص ماڳ، جتي سردار رهندو هجي،تنهن کي به ’ٿاڻو‘ چون؛ جيئن: ٿاڻو بولا خان يا ٿاڻو عارب خان.
مهاراشٽر(ڀارت)جي هڪ ضلعي جو نالو به ٿاڻو آهي.
ضلعي ۽ تعلقي مٽياريءَ ۾ هن نالي سان هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ ’نوبت مري‘، ’الهه بخش ميرجت‘، ’شهداد مڱريو‘، ’حاجي محمد صالح‘ ۽ ’چنيسر خاصخيلي‘ ڳوٺ شامل آهن .


لفظ ٿاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو