ٽڪي

ٽِڪِي: راند جي اصطلاح ۾ سَرسي (سوڀ).
ٽڪي چڙهڻ‘ هڪ اصطلاح طور استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪنهن تي سرسي حاصل ٿيڻ هجي ٿي.
ڪو ڪم پهرين ڪوشش ۾ سڦل ٿيندو آهي ته چئبو آهي:
’پهرين ٽڪي کير ڀري، ٻي به ڏيندو الله
لفظ ”ٽِڪي“ عام طرح دوا جي گوريءَ لاءِ ڪم ايندو آهي. ان کان سواءِ هڪ قسم جي مٺائي پڻ ٿيندي آهي. (شادي، مڱڻي وغيره ۾ ٽڪيون ورهائيندا آهن). صابڻ جي به ٽِڪي (يا چڪي) ٿيندي آهي. مٺائيءَ جون ٽِڪيون ”ڀان سعيد آباد“ جون تمام مشهور آهن.


لفظ ٽڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو