ٻيرڙي

ٻَيرڙِي: تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ چار ڳوٺ آباد آهن. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن. هن ڳوٺ کي ”ٻيرڙي بخارا“ به چون، ڇاڪاڻ ته اتي بخاري سيد رهن ٿا. مشهور اديب سيد سردار علي شاهه ذاڪر به هن ڳوٺ جو رهاڪو هو، جنهن جي مزار ڀرسان ئي مومل جي ماڙيءَ ۾ آهي. مشهور صحافي ۽ اديب امير بخاري پڻ هتان جو رهاڪو هو. هن ڳوٺ جو بزرگ بهاول شاهه بخاري سٺو شاعر آهي .


لفظ ٻيرڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو