ٻانھو

ٻانھو: عام معنيٰ غلام. عام طرح ھي لفظ عربي ٻوليءَ جي مفھوم ”عبد“ ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”ندو“. قرآني اصطلاح موجب، ”اھو شخص عبادت ۽ خدمت جي ڪري ’ٻانھپ‘ جو درجو حاصل ڪري، الله تعاليٰ جو مخلص بندو ٿي وڃي ٿو.“
اول ھي لفظ ’زرخريد غلام‘ لاءِ ڪم آندو ويو ۽ اصطلاحي طور ’نوڪر‘ لاءِ ڪم اچڻ لڳو.
قديم دور کان وٺي سڄي دنيا ۾ ”ٻانھن“ جو واپار ھلندو ھو، انھن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار وڪيا ويندا ھئا. يورپ ۽ آمريڪا جي واپارين انھيءَ واپار ۾ اغوا ۽ دھشتگرديءَ جو رواج وڌو، جو آفريقا جھڙي اونداھي کنڊ مان ھٿيارن جي زور تي جانورن وانگر شيدين (حبشين) کي ڦاسائي، يورپ ۽ آمريڪا جي بازارن ۾ وڪڻندا ھئا. قديم دور ۾ يونانين، رومين، مصرين ۽ عربن کي ته ڄڻ اھو قانوني حق حاصل ھو، اسلام کان اڳ مغربي عرب علائقي ۾ غلامن جو واپار ھلندو ھو. ٻين وڏن شھرن وانگر مڪي جي مارڪيٽ ۾ به ٻانھن ۽ ٻانھين جو وڪرو ٿيندو ھو. اسلام جو پھريون ٻانگو حضرت بلال رضه به انھن غلامن مان ھڪ ھو. جن کي عربن جا قافلا ٻين ملڪن مان آڻيندا ھئا، ٻانھن کي وڪڻڻ يعني بردھ فروشيءَ جو ڌنڌو نھايت قديم رسم آھي. انھن ۾ اھڙا ماڻھو به شامل ھوندا ھئا، جيڪي بدوين کي غارت گريءَ ۾ ھٿ لڳي ويندا ھئا، ٻانھن جي واپار جو ھڪ وڏو مثال حضرت يوسف عليه السلام جو مصر جي بازار ۾ وڪرو آھي، جنھن کي مصر جي ’عزيز‘ خريد ڪيو ھو. غلامن ۾ مفتوح قومن جا قيدي به شامل ھوندا ھئا.
سنڌ ۾ پڻ انهيءَ معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان استعمال ۾ آهي، جتي سنڌ ۾ ٽالپري دور تائين ٻاھريان تاجر غلامن کي وٺي اچي وڪرو ڪندا ھئا، جن جو نسل اڄ تائين ھلندو اچي ٿو. ٽالپر سردارن وٽ ڪجهه اھڙا ٻانھا ھوندا ھئا، جيڪي سندن گھر جو ڪم ڪار ڪندا ھئا ۽ انھن سان تمام سھڻو ورتاءُ ڪيو ويندو ھو، ڪيترن کي سندن حسن خدمت سبب سٺا عھدا به ملندا ھئا. عام ٻانھا پاڻ کي آزاد ماڻھن کان بھتر حالت ۾ سمجھندا ھئا. سنڌ جي عظيم اديب مرزا قليچ بيگ جو نانو ۽ پيءُ پڻ جارجيا مان ايران ۽ پوءِ سنڌ جي ميرن تائين ان ريت پهتا هئا.
الله جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن، غلاميءَ کي ناپسند ڪري، سر زمين حبش مان آيل حبشين کي خريد ڪري آزاد ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪيو. اھو ڄڻ غلاميءَ خلاف پھريون انقلابي قدم ھو، ان کان پوءِ به صديون اڳ عمان رياست جي حڪمرانن پنھنجي حد واري سامونڊي لنگهه مان ٻانھن جي واپار ۾ استعمال ٿيندڙ غورابن جو لنگهه بند ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ صدي اڳ انگريزن ۽ يورپي قومن، ٻانھن جي واپار کي غير قانوني قرار ڏئي ان تي قانوني بندش وڌي. دنيا ۾ اڄ به ٻانھن جو واپار ھلندڙ آھي، پر ان جا طريقا مختلف آھن. ٻانھن جي اسمگلنگ اڄ به دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسئلو بنيل آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو


نالو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻاروچو
پاتل
ٻانھو
نالو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون