خارش

خارش

خارش

خارش: هيءَ چمڙيءَ جي عام ۽ وچڙندڙ (Contagious) بيماري آهي، جيڪا دنيا ۾ چمڙيءَ جي سڀني بيمارين کان وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ننڍن ٻارن کان وٺي وڏن ماڻهن کي ۽ هر هڪ جنس کي ٿي سگھي ٿي. خارش چمڙيءَ جي مٿئين تهه (Epidermis) ۾ جانورن جي هڪ مادي جيوڙي
Acarus Scabiei يا Sarcoptes Scabiei جي سوراخ ڪرڻ ڪري گھر ٺاهي ويهڻ جي نتيجي ۾ ٿئي ٿي. خارش جي ڪري چمڙيءَ تي خشڪ خارش کان وٺي ڳاڙها نشان، ننڍڙا سخت يا پاڻيءَ وارا داڻا، ڦوڦينڊا، ڦرڙيون ۽ ڪن حالتن ۾ چمڙيءَ تي وڍن جا نشان Lesions ٿي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڇتي خارش Pruritis جي ڪري هيءَ بيماري ڪهني ٿي پوندي آهي ته گھڻي کنهڻ سان مريض جي بدن تي وڏا ڦٽ به ٿي پوندا آهن. خارش ڏينهن جي مقابلي ۾ رات جو وڌي ويندي آهي.
الف خارش ٿيڻ جا سبب Aetiology:
خارش ٿيڻ جو سبب هڪ جانور جو مادي جيوڙو Acarus Scabiei
يا Sarcoptes Scabiei آهي جيڪو نر کان وڏو ۽ وڌيڪ ڀوائتو ٿئي ٿو.
خارش ۾ اڳئي ورتل مريض جي چمڙيءَ سان صحتمند ماڻهوءَ جي چمڙي رڳو 15 منٽ هڪٻئي کي ڇهڻ سان خارش جا ننڍڙا جيوڙا (Mites) جيڪي مريض جي چمڙيءَ مٿان گھمندا آهن، صحتمند ماڻهوءَ ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن.
(ب) خارش جي اوسر (Incubation Period):
چمڙيءَ جي هن بيماريءَ جي اوسر مادي جيوڙي (Acarus Scabiei) جي چمڙيءَ جي مٿئين تهه (Epidermis) جي ڪنهن نرم جاءِ (خاص ڪري هٿن جي آڱرين جي وٿين) ۾ سوراخ ڪري گهر ٺاهي ويهڻ يا ٻئي ڪنهن مريض جي جسم کان صحتمند ماڻهوءَ ۾ ننڍڙا جيوڙا (Mites ) منتقل ٿيڻ کان پوءِ ٻن هفتن اندر صحتمند ماڻهوءَ کي خارش ٿي پوندي آهي. اهو سلسلو ايستائين پيو هلندو آهي. جيستائين وڃي خارش جو خاطر خواه علاج نه ٿئي ۽ خارش نه ڇڏي وڃي.
(ٻ) بيماريءَ جون علامتون Clinical Symptoms: (1) جنهن جاءِ تي جيوڙا موجود هوندا آهن ته اها جاءِ انچ جي اٺين حصي کان وٺي اڌ انچ تائين مٿان ميري، خاڪي ٽٻڪن (دٻڪن) سان ڪڏهن ڪڏهن اڇي، نه ته گھڻو ڪـري مـيـرانـجـھـڙي ڪـاري، مـيـرانـجـھـڙي نـاسـي ڏسـڻ ۾ ايـنـدي آهـي. (2) خارش گهڻو ڪري پهرين هٿن جي آڱرين جي وٿين ۾ ٿيندي آهي. ان کان پوءِ بدن جي ٻين عضون ڏانهن وڌندي آهي، جنهن ۾ ڪرائين جي هيٺئين پاسي، ٺونٺين جي ٻيڪڙن، ٻانهن جي ڏورن جي اندرين پاسن، بغلن، دن جي چوڌاري ران جي اندرئين حصي (Groins) واري ٻيڪڙ، عورتن جي ڇاتين جي هيٺين حصن ۾ هيٺين چمڙيءَ جي ٻيڪڙن ۾، مردن جي جنسي عضوي؛ ننڍڙن ٻارن جي پيرن جي کڙين ۽ پيرن جي تريءَ ۾ ٿيندي آهي. (3) جيڪڏهن خارش جو زور گھڻو هجي؛ يا ڪهني صورت اختيار ڪري وڃي ته ان صورت ۾ اکين جي ڇپرن هيٺان ۽ اکين جي تنرن ۾ به خارش ٿي پوندي آهي. جنهنڪري اکيون ڳاڙهيون ۽ سڄيل هونديون آهن. (4) اهڙن ٿڃ پياڪ ٻارن جي منهن ۾ خارش ٿيندي آهي، جن ٻارن جي مائرن کي ڇاتيءَ ۾ خارش جي بيماري هوندي آهي. ٿڃ ڌائڻ دوران ٻارن جو منهن ماءُ جي خارش واريءَ ڇاتيءَ کي لڳندو آهي. نتيجي طور ٻارن کي منهن ۾ خارش ٿيندي آهي. باقي عام طرح ٿڃ پياڪ ٻارن کي جسم جي ٻين نرم حصن ۾ خارش ٿيندي آهي. باقي منهن تي خارش ڪانه ٿيندي آهي.
(5) رات جي وقت خارش ڪنهن هڪ هنڌ تان شروع ٿي سڄي جسم ۾ پکڙجي ويندي آهي. (6) چمڙيءَ جي خشڪ ٿيڻ يا پگھر نڪرڻ تي خارش وڌي ويندي آهي. (7) خارش ۾ ورتل عضون جا ٻيڪڙ (Flexors) وڌيڪ خارش ۾ وٺجي ويندا آهن. (8) عام حالت ۾ خارش سڪي ۽ خشڪ ٿيندي آهي، پر خارش وڌي وڃڻ ۽ کنهڻ سان چمڙيءَ مٿان ننڍڙا ننڍڙا داڻا ٺهي بيهندا آهن. (9) بيماريءَ جي مهلڪ حالت ۾ ڦوڦينڊا ۽ ڦرڙيون ٿي پونديون آهن، جن ۾ ڇتي خارش Pruritis ۽ ساڙو ٿيندو آهي. (10) جڏهن خارش گھڻي پراڻي ٿي وڃي، يا ان جو خاطر خواه علاج نه ٿئي يا ڪو علاج اثر نه ڪري ته ان صورت ۾ خارش واري جاءِ وٽ چمڙيءَ تي ڦٽ (Lesion) ٿـي پـونـدا آهـن. ڪـن حـالـتـن ۾ وڏا ڦـٽ ٿـي پـونـدا آهـن، جـن مـان ريـشو ۽ گند ڳڙندو آهي.
(ڀ) بيماريءَ کان اڳ ۽ پوءِ احتياطي اپاءُ:
(الف) اڳواٽ اپاءُ: (1) خارش چمڙيءَ جي وچڙندڙ ۽ پکڙجندڙ Contagious بيماري آهي. ان ڪري جڏهن به هيءَ بيماري گھر ۾ منهن ڪڍي ته صحتمند گھر ڀاتين کي خارش جي مريض کان احتياط ڪرڻ گهرجي، ساڻس گڏ نه سمهجي، نه ان سان گڏ کائجي، نه وري مريض جي اوبر کائجي ۽ پيئجي.
(2) مريض جي جسم تان لٿل ڪپڙو صحتمند گھر ڀاتين کان الڳ ۽ گرم پاڻيءَ ۾ ڌوئڻ گھرجي. (3) مريض جي استعمال هيٺ آيل ٽوال، هنڌ ۽ صابڻ وغيره ڪو به صحتمند مريض ڪتب نه آڻي. (4) ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ کي خارش هجي ته ٿڃ ڏيڻ وقت ماءُ احتياط ڪري ته ٻار جو مُنهن خارش ورتل ڇاتيءَ سان نه لڳي. (5) اسڪول (ڪلاس) ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي خارش جو مرض هجي ته ان کي ٻين صحتمند ٻارن کان الڳ ويهارجي.
(ب) بيماريءَ کان پوءِ اپاءَ: (1) سڀ کان اڳ خارش جي مريض کي علاج ڪرائڻ گھرجي، کاڌي پيتي ۾احتياط ڪرڻ ۽ ڪِري ڪرڻ گھرجي.
(2) خارش جي مريض جي ڪتب ايندڙ کاڌي پيتي جا ٿانو، هنڌ، ڪپڙا، ٽوال، صابڻ وغيره الڳ ڪرڻ گھرجن. (3) گهر جي ڪنهن وڏي ڀاتيءَ کي خارش هجي ته ننڍڙي ٻار سان گڏ نه کائي، نه ٻار کي کڻي. (4) ماءُ کي خارش هجي ته ٻار کي هنج تي کڻڻ کان پاسو ڪري. (5) جيڪڏهن اسڪولي ٻار کي خارش هجي ته مائٽ کي کپي ته استاد کي آگاهه ڪري ته جيئن استاد ٻار کي صحتمند ٻارن کان الڳ ويهاري سگهي.
(ت) پرهيز رک/ ڪِري (Preventive Diet):
خارش جي مريض کي ديڳ جو ڀت، هر قسم جو وڏو گوشت، رڍ ۽ دنبي جو گوشت، ڳائو کير، گوار، ميها، ڪدو، واڱڻ ۽ آچار ڪنهن به صورت ۾ نه کائڻ گهرجن.


لفظ خارشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو