بڀاس

بڀاس (راڳڻي ڀيرو ٺاٺ ):ڀيرو ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي. مڌم ۽ نکاد هن ۾ ورج سر آهن، ڌيوت سر هن ۾ وادي ۽ پنچم نياس جو سر اٿس. هي اترانگ جو راڳ آهن. هيءَ پرڪر تي (ماٺيڻي) راڳڻي آهي، جن به راڳن ۾ مڌم ۽ نکاد ورج هوندا آهن. اتي گنڌار ۽ پنچم جو ميل ڀلو لڳندو آهي. امروهي ۾ مڌم ۽ نکاد ورج هئڻ ڪري رام ڪلي کان الڳ بيهي ٿي. ريوا ۾ گنڌار وادي ۽ بڀاس ۾ ڌيوت وادي آهي.
هن راڳڻي جي خاص تان: ڌا ڌا پا پا- گي پا ڌا پا- گي را سا- سا را سا- گي پا- پا- ڌا- پا- سا- را گي پا- ڌا ڌا پا- گي پا ڌا پا گي را سا- ڌا ڌا پا آهي. هن راڳڻي جي آروهي: سا را گي پا ڌا سا ۽ امروهيِ سا ڌا پا گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر رکب آهي ۽ صبح جي وقت ڳائبي آهي. (نوٽ: راڳ ساگر ۾ بڀاس ۽ ريوا هڪ ئي راڳڻي لکي آهي. وادي سر ڌيوت سموادي رکب ڄاڻايو آهي.)


لفظ بڀاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو