بازيدپور

بازيدپور: تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ هڪ ڳوٺ ۽ ديھه جو نالو. هي ڳوٺ پھرين خيرپور رياست جي حدن ۾ هو. 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ هنن سنڌ کي انتظامي طور ڀاڱن ۾ ورهائي پراڻن پرڳڻن کي ختم ڪري نوان ضلعا ۽ تعلقا ٺاهيا ته بازيدپور کي ديھه جو درجو ڏنو. مٿس بازيدپور نالو پوڻ بابت روايتون آهن ته ايران جو مشھور صوفي بزرگ حضرت بايزيد بسطامي ڪنھن سمي اچي هن ڳوٺ ۾ رهيو هو. هتان جا ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس مريد ٿيا. ڳچ عرصو ترسڻ بعد پاڻ هندستان کان ٿيندو وري پنھنجي ماڳ ايران موٽي ويو. ان بعد سندس عقيدتمندن ۽ مريدن ڳوٺ جو نالو پنھنجي مرشد جي نسبت سان ’بايزيدپور‘ رکيو. گهڻي اُچار ۽ بار بار دهرائڻ ڪري ’بازيدپور‘ مشھور ٿيو. حضرت بايزيد بسطامي جنھن به علائقي ۾ رهيو اتي سندس نالي سان ڳوٺ وجود ۾ آيا، سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي ڪيترن خطن ۾ ’بازيدپور‘ جي نالن سان ڳوٺ آباد آهن. حضرت بايزيد جي سنڌ ۾ اچڻ جو سبب سندس استاد ابو علي سنڌي هو، جنھن وٽان هُن تصوف جو علم سکيو. ’بازيدپور‘ ۾ اڪثريت مڱرين جي آهي، جڏهن ته چند گهر سومرن ۽ ملاحن جا به آباد آهن. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار پرائمري اسڪول، بنيادي صحت مرڪز، ٽيليفون ايڪسچينج جي سھولت آهي. شھر سان گڏ سيد محمد شاهه بخاري جي درگاهه ۽ قديمي قبرستان پڻ آهي. ڳوٺ جو تعليمي معيار گهڻو بھتر آهي. شاعر محمد حسن ”بيوس بازيدپوري“ ۽ مختلف شعبن ۾ پي ايڇ. ڊي ڪندڙ: ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، ڊاڪٽر نياز احمد مڱريو ۽ ڊاڪٽر منير احمد مڱريو جو تعلق پڻ هن ڳوٺ سان آهي. هن ڳوٺ جي آدمشماري 5000 جي لڳ ڀڳ آهي.


لفظ بازيدپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو