رگهورام شرما

رگهورام شرما: نامور فنڪار ۽ موسيقار، رگهورام شرما جو جنم 08 فيبروري 1942ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين تعليم پرائي سگهيو. ورهاڱي سبب خاندان سان گڏ هندستان هليو ويو ۽ الهاس نگر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مختلف پروگرامن ۾ حصو ورتائين. بعد ۾ باقاعدہ راڳ جي سکيا ورتائين. رگهورام سنڌي مشھور فلم ”اڃان تہ مان ننڍڙي آهيان“ ۾ ڀڳوتي ناواڻيءَ سان گڏ گيت ڳايا. جيڪي نهايت مقبول ويا. هن سنڌي فلمن کان علاوہ هندي فلمن کي پڻ موسيقي ڏني. هن هندستان جي مشھور موسيقارن ڪلياڻ جي آنند جي ۽ آر. ڊي برمن سان پيانو تي سنگت ڪئي. هن هند، سنڌ کان علاوہ ڪئناڊا، آمريڪا، لنڊن، سائوٿ آفريڪا، هانگ ڪانگ، جاپان ۽ ماريشش وغيرہ ۾ ڳائي نالو ڪمايو. هن ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ ڀڄن ڳايا. هڪ هندي فلم ‘سائين بابا’ ۾ سندس چار ڀڄن ڳاتل آهن. هن هندستان ۾ رهڻ دوران ‘شيام نارائڻ’ جي نالي سان سنگيت ڪلب قائم ڪيو. جنهن جو باني ۽ صدر بہ پاڻ هو، جنهن جي پليٽ فارم تي هن ڪيترن ئي فنڪارن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.02.08  عيسوي

رگهورام شرما جو جنم 08 فيبروري 1942ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڦوٽو زرداري
صدر فقير لنجواڻي
چاندي فقير ڀيل
عاشق نظاماڻي
استاد خورشيد علي خان
استاد امير خان
فقير عبدالغفور
استاد گامڻ خان
سڄڻ مڱڻهار
صنم مارئي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون