
آنند پرڪاش، مهاتما
آنند پرڪاش، مهاتما: شاعر، سماج سڌارڪ ۽ حڪيم، آنند پرڪاش ڀوڄواڻيءَ جو جنم 1919ع ڌاري ڪنڌڪوٽ، ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو. سندس تعليم بي. يو. ايم. ايس، ڊي. ايڇ. ايم. ايس هئي. هن سموري تعليم حيدرآباد طبيه ڪاليج ۽ جاميہ طبيه ڪاليج دهليءَ مان حاصل ڪئي. آنند پنھنجي وقت جو ناليوارو شاعر هو. شاعريءَ ۾ تخلص ‘پرڪاش’ ڪم آڻيندو هو، کيس سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي دسترس حاصل هئي. هن ڪنڌڪوٽ شھر ۾ شفاخانو کوليو، جتي غريب مريضن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ دوائون بہ مفت ڏيندو هو. “شري آنندپور درٻار هندستان” ۾ پنھنجي مرشد طرفان کيس ‘مهاتما’ جو لقب مليل هو، جيڪو لقب تمام گهٽ ماڻهن کي ملندو هو. لاله آنند کي علم ڪيميا تي دسترس حاصل هئي، جنهن تي هن ڪيترا تحقيقي مقالا لکيا. هيءُ ‘بزم فيض ڪنڌڪوٽ’ ۽ ‘پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ’ جو صدر پڻ هو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سندس شايع ٿيل ڪتاب: ‘مارئي ولاس’ (شاعري: 1969ع)، ‘پرڪاش پشپانجلي’ (شاعري)، ‘ياد لطيف’ (1969ع) ۽ ‘جديد طب جا نَوَ رتن’ آهن. هن 23 سيپٽمبر 1998ع تي وفات ڪئي. کيس پنجن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان ڊاڪٽر منوهر آنند ۽ ڊاڪٽر سريش آنند پنھنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن.