ڳموري ڍنڍ: ڳموري ڍنڍ عمرڪوٽ شھر کان 8 ڪلوميٽر اولھه ۾ ميرپورخاص روڊ جي ڀر ۾ آهي. آڳاٽي وقت ۾ ڳموري ڍنڍ جي پکيڙ سوين ايڪڙن ۾ هئي. هي قديم ۽ تاريخي ڍنڍ درياهي وهڪرا ختم ٿيڻ ڪري زرعي آبادي هيٺ اچي وئي آهي. هڪ تاريخي عشقيه قصو به هن ڍنڍ سان وابسته آهي، جڏهن اونچل ڪوٽ جو شھزادو راول، مومل کي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي فقير ٿيو ته هن ڍنڍ تي اچي رهيو هو. جتي همير سومرو، راڻو مينڌرو، ڏونر ڀٽي ۽ سينھڙو ڌماچاڻي شڪار ڪندي، اچي ساڻس مليا هئا. شاهه لطيف فرمايو آهي:
چڙهيا چارئي يار، سوڍا شڪاري (شاهه)
راڻي مومل جي قصي ۾ انهن چئن يارن (همير سومري، راڻي مينڌري، ڏونر ڀٽي ۽ سينھڙي ڌماچاڻي) جي ڳموري ڍنڍ تي اچي شھزادي اونچل سان ملڻ جي گواهي آڳاٽي دور جي هڪ شاعر راگهي يا راڌي جي شاعريءَ مان به ملي ٿي:
چڙهيا چارئي چاڳلا، چارئي يار چڱا،
ڪنن سونيون سنگهرون، هيري ساڻ هنا،
روجهه ماريائون راڌو چئي ڳموريءَ ڳنا،
ڏٺائون ڏتڙيل حال ۾ فقير منجهه فنا،
سامي سج ڳنا، هو جوڳي جور جرڪڻو.
عام روايت موجب هن ڍنڍ تي ڳموري نالو ڳمري نالي هڪ حسين مھاڻي عورت جي ڪري پيو، جيڪا هن ڍنڍ تي رهندي هئي ۽ سندس گذر سفر جو ذريعو هي ڍنڍ هئي.