
گگهو
گگهو (لباس): گگهو ٻروچ عورتن جو ثقافتي چولو آهي.. گگهو به گج وانگر رنگين ڀرت سان ڀريل هوندو آهي. گگهي جي اڳ واري پاسي ڀرت، ٽؤنر، ٽليون، مڻيا، موتي، ٽڪون مڙهجن ٿيون. گگهي جي ڀرت جا مختلف نمونا ٿين ٿا، جتن جو گگهو ڌار نموني ۽ ڀرت سان ڀريل هوندو آهي ته چانڊين جو وري مختلف ٿئي، بروهي، جمالي، جسڪاڻي توڙي ٻيون ڪيتريون ذاتيون اڃا گگهو پائين ٿيون. جتڻين جي گگهي جا عام طور تي ٻھ ئي رنگ ملن ٿا، ڳاڙهو ۽ ڪارو. جتڻيون جيسين سھاڳڻيون يا جوان هونديون تيسين ڳاڙهو گگهو پائينديون، پوڙهيون/بيواهه عام گگهو پائين. گگهي جي آڳي تي گج وانگي گهڻي محنت ٿيل هوندي آهي. ٽڪن، گُلن چٽن جا واري واري سان خانا ٺھيل هوندا آھن. گگهي جو ڀرت به صفائي سٿرائي ۽ سليقي سان ڀريل هوندو آهي. گگهي جي آڳي واري حصي تي گلي کان وٺي چيلهه تائين گهڻو ڀرت ۽ باقي هيٺ فراق نما گهيريدار چولو هوندو آهي، جنھن جا گهڻا ئي قسم ٿين ٿا. ڪنھن ۾ چيلھه وٽ گهنج ته ڪنھن جا ٻانھن ۾ گُهنج رکيل هوندا آھن. بروهين جي گگهي ۾ گلي، ٻانھن توڙي دامن تي گهڻو ڀرت ڀريل هوندو آهي ۽ انھيءَ جي ٻانھن ۾ گنج ۽ گلي کان هيٺ واري ڀرت وٽان ئي وڏو کيسو هوندو آهي، جنھن جو مٿيون پاسو گلي جي ڀرت وٽ ته هيٺيون پاسو يڪو دامن وٽ هوندو آهي. ان کيسي ۾ رکيل سامان چولي جي دامن جو وڃي دنگ ڪندو آهي. اڳي انھي بروهڪي گگهي تي ٽائم لڳندو هو، پر هاڻ اهو هٿ جي ڀرت بدران مشين جي ڀرت يا پوءِ ربن، ڏورين، ليسن ۽ گوٽن سان مشين تي ئي سبجي ويندو آهي. بروهين وارو گج سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻيون ٻروچ ذاتيون به پائين ٿيون. سنڌ ۾ جتوئي، جت، چانڊيا، چانگ ڪٿي ڪٿي لغاري عورتون ۽ ٻيون به ڪجهه ذاتيون گگهو شوق سان پائين ٿيون.