گڍڙو (شھر): سنڌ جو هڪ قديمي شھر، جيڪو ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ڏاهلي جي حدن ۾ انڊيا پاڪستان جي بارڊر تي، وڏي عرصي تائين ’ڊرائي پورٽ‘ طور ڪاروباري مرڪز رهيو. رام سنگهه ٺڪر نالي هڪ امير ترين شخص 1848ع ۾ هيءُ شھر آباد ڪيو. وڏي عرصي تائين ڊرائي پورٽ طور ڪاروباري مرڪز رھندڙ ھن شھر کي ان وقت ريلوي اسٽيشن سان گڏ انڊيا جي ’ٽانڪي ٽيشڻ‘ تائين روڊ جي سھوليت به حاصل هئي. ’گڍڙا روڊ‘ نالي واري اسٽيشن (ٽانڪي ٽيشڻ) ھندستان ۾ هئي ۽ گڍڙو شھر سنڌ ۾ هو. ٻنهي شھرن جي وچ ۾ اُٺ گاڏا هلندا هئا. بامبي ميل ۽ راجا ريل ذريعي ڊرائي پورٽ لاءِ درآمد ۽ برآمد ٿيندي هئي. ننگر پارڪر، ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ جا واپاري ديسي گيھه، اُن، ڏاس ۽ ٿر جي مختلف جنسن جو واپار ڪندا هئا. گڍڙي مان اُٺ گاڏين وسيلي شيون ڇاڇري ۽ ننگر تائين وينديون هيون. شھر ۾ ان وقت 7 سئو جي لڳ ڀڳ دڪان ۽ 12 سئو کن گهر ٺھيل هئا. شھر ۾ مشھور شخصيت نھرو لال گانڌيءَ جي ڪپڙي جي هڪ فيڪٽري به قائم ٿيل هئي، جنھن مان پوري ھندستان ۽ ٻين علائقن تائين ڪپڙو موڪليو ويندو هو. فيڪٽري جي عمارت اڄ به موجود آهي، تپيدار جو هيڊڪوارٽر، اسٽيشن، پوليس ٿاڻو، ڌرمشالا، سرڪاري اسڪول، ڍَڪُ، ڊسپينسري ۽ ميونسپالٽي به هئي، جيڪا 1862ع ۾ ٺھي هئي. گهٽين ۾ هر چاليھه وک تي گاسليٽ وارا گولا ٻاري رکيا ويندا هُئا، جيڪي ھن شھر کي رات جو روشن رکندا هئا، 1848ع کان 1947ع تائين هيءُ شھر عروج تي رهيو، لڏپلاڻ کان پوءِ هيءُ شھر ويران ٿيندو ويو ۽ هاڻي فقط هڪ ڳوٺ جي شڪل ۾ موجود آهي.