گَندرا (ذات): هي ملاح ۽ مھاڻا آھن. تاريخي ۽ عشقيه داستان جو مک ڪردار نوري گندري-مھاڻي هئي. ھن ذات وارا ڪينجهر ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس اڄ به آباد آھن. ٺٽي شھر ۾ به گندرا رهندا آهن پر اهي به اصل ۾ ماڃر جي ڍنڍن خاص ڪري ڪينجهر جا آهن. جن جو خاص ڌنڌو مڇي مارڻ ۽ ان جو واپار ڪرڻ آهي. گند هڪ وٿ جو نالو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي لوڙهه جو قسم، پٻڻ جون پاڙون. لوڙھن ۽ پٻڻ جي پاڙن کي ڪڍڻ، چونڊڻ ۽ ان جو ڪم ڪرڻ وارن کي ’گندرا‘ چيو ويندو هو. اڳتي هلي اها هڪ ذات بڻجي وئي. ڪي گندرا پاڻ کي گنڌارا تھذيب جا وارث به سمجهن ٿا. گندرن جو واسطو گهڻو ڪري مڇي وارين ڍنڍن ۽ ڍورن سان آهي.