
گل محمد جکراڻي
گل محمد جکراڻي: گل محمد خان ولد عارف خان جکراڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1960ع تي، ڳوٺ محمد عارف خان جکراڻي، تعلقي ۽ ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس (سنڌ يونيورسٽي) آهي. هن سياست جي شروعات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ مرڪزي عھديدار به رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران مٿس ڪيس به داخل ٿيا.
17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي بس وڃي رهي هئي ته اُن وقت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ اُن بس مٿان فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ پنج ڄڻا انور عباسي، امان الله وسطڙو، عبدالمالڪ خشڪ، ذڪريا ميمڻ ۽ بس ڊرائيور مِٺو بليدي شھيد ٿي ويا. خان قريشي'>بشير خان قريشي، گل محمد جکراڻي، ستار موريي، اقبال تنيي، ڊاڪٽر دودو مھيري، عمر زرداري، نظير تنيو، سلمان جتوئي ۽ سڪندر ميراڻي سميت ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪري نارا جيل حيدرآباد موڪليو ويو. جتي ڪيترائي سال قيد ۾ رهيا. ان ڪيس ۾ سندن ضامن نامور سياستدان ۽ سماج سڌارڪ علڻ خان ٿيٻو پيو هو. ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي، کين باعزت بري ڪيو ويو. گل محمد جکراڻي، جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ 1996ع ۾ جيئي سنڌ تان استعيفى ڏئي، ممتاز ڀٽي جي پارٽي ’سنڌ نئشنل فرنٽ‘ ۾ شامل ٿيو. جنھن ۾ ڪيترائي سال مرڪزي عھديدار رهيو. هن نومبر 2007ع ۾ پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2008ع جي چونڊن بعد قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. پ پ پ ضلعي ڪشمور جو صدر به رهيو آهي. گل محمد جکراڻيءَ جو عدالتي بيان ’تاريخ اسان سان انصاف ڪندي‘ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.
1960.12.20 عيسوي
گل محمد خان ولد عارف خان جکراڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1960ع تي، ڳوٺ محمد عارف خان جکراڻي، تعلقي ۽ ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو.