گل حسن ڪلمتي

گل حسن ڪلمتي

گل حسن ڪلمتي

گل حسن ڪلمتي: گل حسن ڪلمتي 5 جولائي 1957ع تي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ (گڏاپ، ڪراچي) محمد خان ڪلمتيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن پرائمري تعليم راڌو جوکيو ملير مان حاصل ڪئي. مڊل گورنمينٽ اسڪول ڪونڪر وليج، سيڪنڊري مراد ميمڻ مان، بي اي ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ مان. ايم. اي صحافت (ماس ڪميونيڪيشن) ۽ ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي حاصل ڪئي. 1985ع ۾ ڊولپمينٽ ايڊمنسٽريشن جي ٽريننگ سنڌ گورنمينٽ اينڊ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊمي ٽنڊي ڄام مان ۽ 1987ع ۾ نيشنل سينٽر آف رورل ڊولپمينٽ اسلام آباد مان Concept of integrated rural development In a gravies economic جي تربيت پڻ حاصل ڪئي. لوڪل گورنمينٽ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما جي ڊگري پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1997ع ڌاري حاصل ڪيائين. نومبر 1983ع کان آگسٽ 2001ع تائين ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ پبلڪ رليشنز آفيسر (PRO) جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 14 آگسٽ 2001ع کان گڏاپ ٽائون ۾ D.T.O (ريگيوليشن) ۽ آفيسر تعلقات عامه رهيو. سندس ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ (ٻه ڇاپا)، ’هڪ رٺل شھر جي تاريخ‘، (1998)، ’ڪالاش ڪافرن جو ديس‘ (2011ع)، ’ڪراچي جا لافاني ڪردار‘ (2012ع) ’انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ‘، ’برف جو دوزخ‘، سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ‘ (2016ع)، ’عشق جون ڳليون‘ (2017ع)، ’سنڌوءَ جي سفر ڪھاڻي‘ (رضا علي عابديءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 2017ع)، ’ڪراچي: انگريز دؤر جون مشھور عمارتون‘، ’ملير جي ڪھاڻي‘ ۽ ’سسئي جي واٽ‘ (رخمان گل پالاري سان گڏ لکيل) اهو ڪتاب ٻنهي محققن سسئيءَ جي پنڌ تي پيرين پنڌ 500 ڪلوميٽر کان وڌيڪ سفر ڪري لکيو، ڇپيل آھن، سندس ڪتابن ’ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار‘ جو ڊاڪٽر امجد سراج ’Immort al Characters of Karachi‘ ڪراچي سنڌ جي مارئي ’Karachi Glory of the East‘ جا انگريزي ترجما ڊاڪٽر امجد سراج ڪيا آهن، جن کي عالمي سطح تي مڃتا ملي چڪي آهي. هن ادب سان گڏ صحافت ۾ به ھن وڏو نالو ڪمايو. 1982ع کان پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان سلهاڙيل رهيو. ڊسمبر 1987ع کان جولاءِ 1989ع تائين ماروئڙا (ضلعي ڪائونسل جو ترجمان) جو ايڊيٽر، آڪٽوبر 1999ع کان جنوري 2001ع تائين ماهوار ’نئون نياپو‘ جو اعزازي چيف ايڊيٽر، عوامي آواز، هلال پاڪستان، مشرق (اردو)، تعمير سنڌ ۽ سنڌ واچ نيويارڪ جو رپورٽر رهيو. ھن ڪراچيءَ جي وسندين ۽ پراڻن ڳوٺن تي ’سنڌو ندي پياسا ماڻهو‘ جي عنوان سان دستاويزي فلم پڻ ٺاهي. ”هڪ تصوير هڪ ڪھاڻي“ ۽ ”تاريخ: حقيقت جي ڪھاڻي“ جي نالن سان سلسليوار ڪالم پڻ لکيا. سندس فن ۽ شخصيت تي نوجوان استد علي نواز جوکئي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم فل ڪئي آهي، جڏهن ته گل حسن ڪلمتيءَ جي شخصيت بابت ٽي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”سسئي جي واٽ جو مسافر: گل حسن ڪلمتي (مرتب: ذوالفقار هاليپوٽو)، گل حسن ڪلمتي (سھيڙيندڙ: پروفيسر سليم ميمڻ)، گل حسن ڪلمتي سنڌ جو جاکوڙي ڪردار (مرتب اختر رسول) شامل آهن. کيس مڃتا طور ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به ڏنا ويا. گل حسن ڪلمتيءَ 17 مئي 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ گل حسن ڪلمتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.07.05  عيسوي

گل حسن ڪلمتي 5 جولائي 1957ع تي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ (گڏاپ، ڪراچي) محمد خان ڪلمتيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2023.05.17  عيسوي

گل حسن ڪلمتي 17 مئي 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاسم حيدر سمون
بيگن ٻارڻ
حاجي امير بخش خان جوڻيجو
محمد يوسف سرهيو
استاد دين محمد خان جيڻو
سيد عبدالرحمان شاھہ اظهر
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ
سردار خان چانڊيو
ريواچند نهالچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون