
گلاب چانڊيو
گلاب چانڊيو: نامور اداڪار گلاب چانڊئي جو اصل نالو غلام محمد هو. هُو 6 جنوري 1958ع تي ڳوٺ شھمير چانڊئي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ ڄائو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1976ع ۾ فوڊ ڊپارٽمنٽ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين، پر 1978ع ۾ نوڪري ڇڏي نوابشاهه موٽي آيو ۽ ڪجهه عرصو سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي کيس جيل به ڀوڳڻو پيو. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ڊرامي ’ٻيو شخص‘ کان ڪئي. ان کان پوءِ ھن ’تلاش‘، ’سام‘، ’جياپو‘، ’مٽيءَ جا ماڻهو‘، ’غلام گردش‘ ۽ ٻين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. ھن اردو ڊرامن ’زينت‘، ’روش‘، ’نوري ڄام تماچي‘، ’ٽيپو سلطان‘ ۽ ’ساگر ڪا آنسو‘ ۾ پنھنجا فني جوهر ڏيکاريا. ٿيٽر ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪيائين. سندس پھرين فلم ’دشمن‘ هئي. ان کان پوءِ ھن ’محب شيدي‘، ’سرگم‘ ۽ ٻين فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري، پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ نالو ڪمايو. ’مارئي، چاند گرھن‘ ۽ ’بي وفائيان‘ ۾ منفي ڪردار ادا ڪرڻ سان کيس مقبوليت ملي. سندس فني خدمتن جي اعتراف طور 2016ع ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو. هن 18 جنوري 2019ع تي وفات ڪئي.
1958.01.06 عيسوي
نامور اداڪار گلاب چانڊئي جو اصل نالو غلام محمد هو. هُو 6 جنوري 1958ع تي ڳوٺ شھمير چانڊئي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ ڄائو.
2019.01.18 عيسوي
ر گلاب چانڊئي 18 جنوري 2019ع تي وفات ڪئي.