
گدا خاصخيلي
گدا خاصخيلي (شاعر): گدا حسين خاصخيلي 1947ع ڌاري، ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي (نوان جتوئي) تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ رمز علي فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪجهه درجا سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. روزگار جي حوالي سان رازڪو ڌنڌو ڪندو رهيو. هن 1965ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ مزاحمت جو رنگ گهڻو آهي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’امن جو ترانو‘ 2009ع ۾ ڇپيو، گدا جي وفات کان پوءِ هن جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’دل جي داستان جو مھورت‘ ڇپايو ويو. هن 30 سيپٽمبر 2024ع تي نوان جتوئي، تعلقي موري ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي تاثراتي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ’مان ايڪيھين صدي آهيان‘ جي نالي سان تاج جويي ڇپايو.