ڪڪڙ شھر

ڪڪڙ (شھر): دادو ضلعي جي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ جو هڪ ننڍو شھر. ڪڪڙ نالي پوڻ جي نسبت سان جامع سنڌي لغات ۾، تاريخي نالي ’ڪاڪاراج‘ جي مٽيل صورت ڄاڻايو ويو آهي. انگريزن جي دَور ۾ هيءُ ڪاروباري مرڪز هو، جنھن ڪري هن کي تعلقي جو درجو مليل هو ۽ ساڳئي دور ۾ هتي پوليس ٿاڻو، ٽپال گهر، سرڪاري اسڪول، تعلقي مختيارڪار ۽ تپيدار هيڊڪوارٽر جي سھوليت مُيسر هُئي، جنھن کي بعد ۾ خيرپور ناٿن شاھہ ڏانھن منتقل ڪيو ويو. سنڌ گزيٽيئر موجب: ”ميھڙ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ ۾ هڪ شھر، جيڪو اُلھندي ناري جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. ميھڙ کان ڏکڻ – ڏکڻ اولھه ۾ اٺاويھن ميلن ۽ رُڪ کان ڏکڻ – اولھه ۾ ڏهن ميلن جو مفاصلو آهي. هڪ روڊ ذريعي اهو خيرپور ناٿن شاھہ ۽ ٽڳڙ سان بہ ڳنڍيل آهي.“ 1931ع ۾ دادو ضلعي جي ٺھڻ کان اڳ ۾ هيءُ لاڙڪاڻي ضلعي جو تعلقو هو، پوءِ جڏهن دادوءَ کي ضلعي جي ۽ خيرپور ناٿن شاھہ کي تعلقي جي حيثيت ملي، تہ هن شھر کي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ۾ شامل ڪيو ويو. هن وقت ڪڪڙ کي هڪ ديھه جي حيثيت حاصل آهي. شھر کي سڀ سرڪاري سھوليتون مليل آهن. هن وقت شھر جي آبادي 30 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.


لفظ ڪڪڙ شھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو