ڪَڙاھہ/ڪڻاھہ (رسم): هيءَ هڪ رسم آهي، جيڪا مرتئي تي خيرات طور ادا ڪئي ويندي آهي. حقيقت ۾ ڪڙاھہ تمام گهڻي کاڌي (جانورن وغيرہ) رڌڻ جو ٿانوَ آهي. هيءَ رسم سنڌ جي مختلف قبيلن خاص ڪري ٿر جي مختلف مسلمان ذاتين ۾ صدين کان جاري آهي. ڪڙاھہ ۾ ديسي گيھه استعمال ٿيندو آهي. جڏهن تہ ان سان گڏ ٻيا کاڌا پڻ تيار ڪرايا ويندا آهن. ڪڙاھہ چاڙهڻ کان پوءِ تيسين نہ لھندي. جيسين راڄ جو ڪو ماڻهو ڪڙاھہ لاهڻ جو اعلان نہ ڪندو. ٿيندو ائين جو راڄ جو ڪو سرياند ماڻهو چند عزيز وٺي اعلان ڪندو تہ هن جو چاڙهيل ڪڙاھہ آءٌ وٺان ٿو ۽ پنھنجي وڏي پويان ڪڙاھہ چاڙهيندس.“ تڏهن ڪڙاھہ لاٿو ويندو. ڪڙاھہ جو وچن ڪرڻ وارو جي حيات نہ هوندو تہ ان جو اولاد ڪڙاھہ چاڙهي پنھنجي وڏي جو راڄ سان ڪيل واعدو نڀائيندو. راڄ مان ڪو ڪڙاھہ نہ لاهرائي سگهيو تہ راڄ جي ڪسائي سمجهي ويندي آهي، ان ڪري راڄ مان ڪو نہ ڪو ضرور لھرائيندو آهي. اهڙيءَ اڇڙي ٿر جي سرحدي ڳوٺ راڻڪ ڏهر تعلقو کپري ۾ موجود درگاھہ ’ڪوٽاڪ ولي‘ تي ڪڙاھہ چڙهيل هوندو آهي، جتي مختلف عقيدتمند ايندا آهن ۽ ڪڙاھہ ۾ کاڌي پيتي جون شيون وجهي هن رسم کي جاري رکيو اچن.