ٽيجهو

ٽيجهو: سنڌ ۾ مسلمانن ۾ مرڻي جي ٽئين ڏينهن ، ٽيجهي جي رسم ڪئي ويندي آهي . ان موقعي تي دوست احباب ، مائٽ ۽ عزيز شرڪت ڪندا آهن . صبح سوير قران خواني ڪئي ويندي آهي . بعد ۾ ٽيجهي جي ماني ڪئي ويندي آهي ، جيڪا دوستن عزيزن ، مٽن مائٽن ، غريبن ۽ فقيرن کي کارائي ويندي آهي . ان موقعي تي فوتيءَ جي وارث کي پڳ پڻ ٻڌرائي ويندي آهي . مرڻ واري جا ڪپڙا ۽ استعمال جون ٻيون شيون ، غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ڏنيون وينديون آهن . انهن مان ڪي شيون مسجد جي مولويءَ کي پڻ ڏنيون وينديون آهن . لڳاتار چاليهن ڏينهن تائين تيار ٿيل کاڌو مسجد يا غريبن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ چاليهن ڏينهن کان پوءِ چاليهي جي رسم پوري ڪئي ويندي آهي . گهڻا ماڻهو ٽيجهي واريون سموريون رسمون چاليهي تي ادا ڪندا آهن ۽ ماني ڪرڻ سان گڏ وارث کي پڳ پڻ چاليهي تي ٻڌرائي ويندي آهي . پڳ جا ور ڳوٺ يا پاڙي جا معزز ماڻهو ، مائٽ ۽ دوست واري واري سان ڏيندا آهن ، جنهن کان پوءِ ڪٿي ڪٿي مٺائي پڻ ورهائي ويندي آهي . انهيءَ ڏينهن گهر جون عورتون مٿا ڌوئينديون آهن . مٿا ڌوئڻ لاءِ استعمال ۾ ايندڙ شين تيل ، ميٽ ۽ پاڻيءَ جو انتظام اهو ماڻهو ڪندو آهي ، جنهن پهرئين ڏينهن ڪانڌپي جي ماني ڪئي هوندي آهي . ٽيجهي جي ختمي تي فوتيءَ جي نالي ڪجهه شيون ، جهڙوڪ: ( i ) وڳو ، ٽوپي ، رومال ؛ ( ii ) تيل ، سوپاريون ، ڦوٽا ، جوهر جون ٽڪيون ؛ ( iii ) سڪو ميوو ۽ تازو ميوو خيرات ڏنو ويندو آهي . اهي سڀ شيون گهڻو ڪري غسل ڏيڻ واري کي ڏيندا آهن يا وري ڪنهن ٻئي غريب کي فوتيءَ جي نيت ڪري ڏيندا آهن . ان کان سواءِ فوتيءَ کي سندس حياتيءَ ۾ وڻندڙ کاڌو به رڌائي سندس نيت ڪري ڏبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو