ڪاروءَ جي چاڙھي (ماڳ): ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ رستي جي وچ ۾ ھڪ وڏو بس اسٽاپ اچي ٿو، جنھن کي بچاءُ بند چون ٿا، بچاءُ بند جو قديم نالو ڪاروءَ جي چاڙھي آھي. هتي جا بزرگ اڃا بہ هن بچاءُ بند کي ڪاروءَ جي چاڙهي چون ٿا. اتي آڳاٽي وقت ۾ ملاحن جو ڳوٺ هو. ڪارو ملاح ڪلهوڙا دؤر جو بھادر ۽ سخي انسان ھو. جيڪو انهيءَ جڳھه تي ايندڙ ويندڙ قافلن کي ترسائيندو ۽ ماني ٽڪي کارائيندو ھو. مھمانوازي ۽ سخاوت جي ڪري ماڻهن هن هنڌ کي ’ڪاروءَ جي چاڙھي‘ جو نالو ڏنو. انگريزن جي دؤر ۾ برساتي پاڻيءَ جي ٻوڏ کان مقامي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ بند ٻڌو ويو، جنھن کان پوءِ اها وستي بچابند جي نالي سان مشھور ٿي.