کيسُ

کيسُ

کيسُ

کيسُ: سنڌ ۾ اجرڪ کان پوءِ کيس کي وڏي اهميت حاصل آهي، کيس ٻن قسمن جا ٺھن ٿا. هڪڙا ريشمي، ٻيا سوٽي. سھڻي ڊزائين ۾ ٺھيل کيس خاص طور شادي وغيره جي موقعي تي استعمال ٿين ٿا. سادا کيس سوٽي ڪپڙي جا ٺھيل هوندا آهن، جيڪي گرمين جي لحاظ کان ٺھندا آهن، پر انهيءَ جا رنگ هلڪا هوندا آهن، ريشمي کيس جا رنگ گهاٽا ۽ چٽا هوندا آهن، اوچا کيس ٻن پيرن جا ٺھيل هوندا آهن، کيس چئن پيرن کان ٻٽيھن پيرن تائين جا ٺھندا آهن. کيس کي سنڌ کان ٻاهر تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. آڳاٽي دؤر ۾ ملتان، سبي، منصوره ۾ کيس جو عمدو ڪم ٿيندو هو. منصوره جي تباهيءَ کان پوءِ، انهيءَ ايراضيءَ جي آسپاس نصرپور جو شھر هو، جنھن ڪري منصوره جا ماهر ڪاريگر لڏي، نصرپور شھر ۾ اچي رهيا ۽ کيس جي هنر کي وڌيڪ ترقي وٺرايائون. ان کان سواءِ، خيرپور ضلعي جو مشھور شھر گمبٽ پڻ ڪيترن ئي صدين کان کيس جي هنر جو اهم مرڪز رهيو آهي. گمبٽ واري کيس جي اُڻت به ساڳئي ملتان واري کيس جھڙي آهي. گمبٽ واري کيس جو اوچو ’تارو‘، يعني: هڪ تھو ٿئي ٿو. ملتان واري کيس جي اڻت به هڪ ’تارو‘، يعني: هڪ تھي ٿئي ٿو.
فني لحاظ کان، سنڌ جي کيس واري اڻت ۽ هنر، هر ڪنھن مرڪز جو الڳ الڳ آهي. انهيءَ فن جي لحاظ کان گمبٽ واري کيس جي ڀيٽ ۾، نصرپوري کيس جي اُڻت ’جگري‘، يعني: ٻه تھي ٿئي ٿي. نصرپور ۾ ڪيترن ئي نمونن جا کيس تيار ڪيا ويندا هئا، جھڙوڪ: ’بلبل چشم‘، ’گلزار‘، ’پنج گلو‘، ’پٻڻ يا پاٻوڙو‘، ’ٻليءَ ٻوٿو‘، ’ڍولڪائون‘، ’ڪتي پير‘ / ’چؤ رنگو‘، ’ٽڪيائون‘، ’تليھر‘، ’گهاڻو‘، ’ٽڪي گل‘، ’ٻه گلو‘ وغيره. ليڪن موجوده وقت ۾ انهيءَ نموني جا کيس تيار ڪونه ٿا ڪيا وڃن. نصرپور ۾ کيس جي اُڻاوت جي ڪم ۾ گراڻا، ميمڻ ۽ پانڌياڻي مشھور ڪاريگر هوندا هئا.


لفظ کيسُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو