کير ٿر

کير ٿر

کير ٿر

کير ٿر

کير ٿر

کير ٿر (جابلو سلسلو): سنڌ جي اولهه ۾ ڪاڇو پار ڪرڻ سان کير ٿر جبل شروع ٿئي ٿو. اُلھندي سرحد وارن سمورن ننڍن وڏن جابلو سلسلن کي کيرٿر ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جيئن ته سنڌ جو اتر وارو حصو سمنڊ جي سطح کان ڪافي مٿانھون آهي، شايد ان ڪري ان کي کير ٿر جي نالي سان سڏجي ٿو. البت اترئين ڀاڱي جي جبلن جو کير جھڙو اڇو رنگ هئڻ ڪري ان حصي کي کير ٿر جي نالي سان پڪاريو ويو هجي. اڇي رنگ ڪري اڄ به اتر جا ماڻهو کير ٿر کي ’اڇو جبل‘ ڪري سڏيندا آهن.
کيرٿر جي اولھه واري ٻانھين ۾ پٽن پوٺن جي گهڻائي آهي ۽ اوڀر واري ٻانھين ۾ گهڻو ڪري ميداني ٽڪرا شامل آهن، جنھن ڪري مينھن جو پاڻي گجندو، ڪڙڪندو هيٺ لھندو، اوڀر وارن ميدانن کي آباد ڪري ٿو. هتي ڀت، ڪارو، بڊو، ڏاڦڙو، ڀڳو ٺوڙهو، دنيار، ميھي، ڪانڀو، سورجاڻو، سمنبڪ، موڙهو ۽ ٻيا ننڍا وڏا جبل دادو ضلعي ۾ آهن. کيرٿر جون مختلف ديو قامت چوٽيون ٻن هزارن کان ويندي ذري گهٽ اٺ هزار فوٽن تائين پھچن ٿيون.
سنڌ جي اولهائين پاسي کان کير ٿر جابلو سلسلو هڪ حفاظتي ديوار جو ڪم ڏئي ٿو. ان قدرتي ديوار کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ لاءِ آڳاٽي زماني ۾ خاص ڪري ميرن جي دؤر ۾ کيرٿر جي مختلف چوٽين، لڪن ۽ گذر گاهن تي نظرداريءَ لاءِ ڪيترائي مورچا ۽ ديوارون جوڙيون ويون. ان کان سواءِ رهائش لاءِ ڪن ماٿرين ۾ قلعا به ٺاهيا ويا هئا. کير ٿر جي اوچن پربتن تي، صدين کان وٺي ڪيترائي مڪاني ماڻهو پنھنجا اجها جوڙيو ويٺا آهن. کير ٿر جون ڪجهه ٿڌيون چوٽيون ڪُتي جي قبر، ڏاڙهيارو، حرباب، بارغ، ڪڪريو، ڪارو، ڏمريو، هراڙ، ڪچرڪ، ونگو، ڏاڦڙو، ڀڳو ٺوڙهو، هالار، ڀڊو، دنبار، ميھي، ڪانڀو، سورجاڻو، سمنبڪ، هورهو، ممٿل، شڪلوئي، گورک ۽ ڀت وغيره جي نالن سان مشھور آهن. کيرٿر جي مختلف چوٽين تان ڪيتريون ئي نئيون ۽ ڍورا لھي اچي ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي مختلف علائقن کي آباد ڪن ٿا. انهن ۾ مولهه، الڪھه، ڍاڍر، کنجي، وهندڙي، موگرو، ٽپڻ، سيتا، تُني، مزاراني، دلان، ٿڌڙي، ٻوري، سالاري، نُکي، مياڻي، کڙٻئي، مکي، گاج، سول، تُڪي، انگئي، هليلي، ٿوري، کنڌاني، ڪڪڙاني، مماني، ڦاڌڪ، سڪ، نيئنگ، ڌوڪ، ڪائي، ٽھڻي، لوحي، جهانگارا، هڪري، ناڙي، ٻانڌڻي، مليري، باران، سن، موهن، ميھر، مول، گڏيجي ۽ ملير شامل آهي. انهن سڀني مان وڏي نئين گاج آهي، جيڪا ڪاڇي جو سٺ سيڪڙو آباد ڪري ٿي.
کيرٿر جابلو سلسلو ڪروڙين سالن کان آهي. جنھن جي تھن هيٺان هزارين سالن جي آڳاٽن، جاندارن، وڻن وغيره جا پنڊ پھڻ (Fossils) ملن ٿا. سائنسدانن، انهن پنڊ پھڻن جي کوجنا بعد، کير ٿر تي مختلف دورن ۾ زندگيءَ جي ارتقا جو خاڪو ٺاهيو آهي. ان ڪري 300 ڪلو ميٽر ڊگهو ۽ 4500 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ ڦھليل، کير ٿر جبل دنيا لاءِ هڪ قدرتي عجائب گهر جي حيثيت به رکي ٿو.
انهن ٽڪرين تي ڳولا دوران، ماهرن کي انسان جي اوائلي دور جي رهائشي غارن کان سواءِ انساني آبادين جا اهڃاڻ پڻ مليا آهن. يعني کير ٿر جون غارون ۽ چوٽيون شروعاتي دور کان وٺي اڄ ڏينھن تائين عام ماڻهن جو مسڪن رهيون آهن. کير ٿر جو اڇسرو رنگ هئڻ ڪري اڄ به اتر جا ماڻهو هن کي ’اڇو جبل‘ ڪري سڏين ٿا. کير ٿر لاءِ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ٽڪرن جا سڀ مکيه ڇپر چن جا آهن. کير ٿر جبل جي ڊيگهه ڏيڍ سؤميل آهي. اهي جبل، ميدانن مان هڪ لاڳيتي ديوار جھڙا لڳندا آهن. ان سموري ڇپر ۾ اهڙا ڏهاڪو هنڌ مس هوندا جتان لاڏائو اٺ لنگهي سگهن. انهن منجهان اڌ ته هڪٻئي جي بلڪل ويجهو آهن. کير ٿر، جنھن جي سمنڊ کان سراسري اوچائي پنج هزار فوٽ آهي سو ڏکڻ ۾ ويندي منڇر ڍنڍ تائين، سنڌ لاءِ قدرتي سرحد جو ڪم ڏئي ٿي.
کيرٿر جي طبعي بناوت لاءِ تاج صحرائيءَ لکيو آهي ته: ”کير ٿر جبل جي هڪ خاصيت اها آهي، جيڪا دنيا جي ڪنھن ٻئي جبل ۾ نه آهي. هي ٽي مکيه قطارون آهن، جيڪي ٽيئي قطارون، هڪ ٻئي کان ساڳي وڇوٽي ۽ مفاصلي تي اتر کان ڏکڻ ڏانھن وڃن ٿيون. اهي ٽي مکيه قطارون، ڀت جبل، گرو جبل ۽ کيرٿر آهن. پھرين اوڀر واري ڀت جبل واري قطار جو اولهه وارو پاسو. سراسري اُڀو ۽ اُڀڪپرو آهي. جڏهن ته اوڀر طرف هي قطار جيتوڻيڪ اوچائي ۾ ساڳي آهي، پر آهستي آهستي سلامتي ۽ سلاميءَ سان زمين جي سطح سان اچي لڳي ٿي، جنھن ڪري چڙهڻ ۾ نسبتاً وڌيڪ سولي ۽ آسان آهي. ٻي قطار يعني گرو جبل واري قطار جي خصوصيت هي آهي ته، ان جون چوٽيون هموار گولائي ۾ آهن پر جبل جا ٻئي پاسا ڀڳل، اونهان ۽ اونداهي، ڏرڙن، ڦاٽن ۽ سرن وارا آهن. ٽين قطار يعني کير ٿر جبل ۾ وڏا وڏا ويڪرا ۽ تمام مٿانھان پوٺا آهن.“
کيرٿر جوڙجڪ: (38- 26 ملين سال اڳ) مٿئين ۽ وچين مايوسين زماني واري هن جوڙجڪ جا تھه 8000- 6000 فوٽ آهن، جنھن جو وچون مرحلو 2000 فوٽ آهي. ان ۾ سائو ۽ سرمائي، پنڊپھڻي ناسي سرمائي چُن جو پٿر آهي. هن سلسلي جون مکيه ٽڪريون ڪرچات کان شروع ٿي اتر ۾ نئنگ جي اولهه کان ٿينديون گورک، ڪچرڪ، ڪُتي جي قبر ۽ ان کان به اتر طرف بلوچستان ۾ خضدار طرف هليون وڃن ٿيون. اها جوڙجڪ اڪثر ننڍڙي ڪچي پٿر جي ابتي لاهين سان هوندي آهي. ان ۾ وڏا ڳوڙهي دار پٿر هڪ کان ڏيڍ فوٽ جي ماناري نما ٿلهي تھه ۾ موجود آهن. اها بيھڪ موسمي اثرن سبب ٿي پئي آهي. ڪي وارياسا تھه به موجود آهن. انهن جو رنگ عام طور هلڪو سائو، هلڪو ناسي، هلڪو ڦڪو ۽ هلڪو سرمائي ٿئي ٿو.
ناڙي جوڙجڪ: 33-18 ملين سال اڳ ۾ ڀولڙا، بن مانس ۽ سڄي دنيا ۾ استوائي ٻيلا ظاهر ٿيا هئا. اوليگوسين عھد جي هيءَ جوڙجڪ 7000 فوٽن تائين آهي، جنھن ۾ شيلز، چُنائون وارياسو پٿر ۽ وارياسو چن جو پٿر آهي. اهو سلسلو کيرٿر، ڀت ۽ بڊي سلسلن سان آهي ۽ انهن ۾ کيرٿر جي اولھه ۾ موجود ابتي لاهين ندين وارا سلسلا شامل آهن. هيءَ جوڙجڪ ڪڇي ٽڪرين جي نئن ناڙي واري علائقي کان شروع ٿي ڏکڻ طرف ڪراچيءَ جي اوڀر ۾ واقع گهارو شھر تائين پکڙيل آهي. اهي لاڳيتيون ٽڪريون آهن ۽ مختلف جاين تي تازي جوڙجڪ ۽ تازي کان آڳاٽي جوڙجڪ جا تھه وريل آهن. هي بنيادي طرح نرم چن جي پٿر ۽ وارياسي چن جي پٿر تي مشتمل آهي. ان وارياسي پٿر جو رنگ سرمائي سائو ۽ هلڪو ناسي يا اڇو آهي. ڪچي پٿر جي موجودگي گهڻي نه سھي، پر ڪن حصن ۾ موجود آهي. ناڙي جوڙجڪ سبب ئي گاج وارو نئن جو نظام ۽ سلسلو ٺھيو آهي، ڇو ته ناڙي ٽڪريون عام طور تي گاج کان اتانھيون آهن. ان علائقي ۾ شيلز اڻ ڇھاءُ دار آهن، ان ڪري انهن مان پاڻي پار نٿو ٿئي ۽ جر نٿو ڀرجي.
گاج جوڙجڪ: مايوسين عھد (7-26 ملين سال) زبردست جوالائي سرگرمين جو عرصو هو. ان ئي زماني ۾ گاهه، چرندڙ جانور ۽ پکي ڌرتيءَ تي پکڙيا. هيٺئين مايوسين عھد جي هيءَ جوڙجڪ 2400 فوٽن تي مشتمل آهي. هيٺيون گاج مرحلو چن پٿر، شيل ۽ وارياسي پٿر تي مشتمل آهي. مٿيون گاج مرحلو 7000 فوٽن تائين آهي، جنھن ۾ وارياسو پٿر ۽ وارياسو شيل آهي. اهو سلسلو اولھه سنڌ ۽ حب ماٿريءَ ۾ پکڙيل آهي، ۽ لڪيءَ کان اوڀر طرف ڪونه آهي. هن جوڙجڪ جون خاص وصفون پوٺا ۽ ڪرنگها آهن. اهي حصا چناوان، ريتيلي پٿر ۽ وارياسي چن پٿر تي مشتمل آهن.
گاج جوڙجڪ ڪوهستان جوڙجڪ جو وڏو حصو والاري ٿي. ٿاڻو شاهه بيگ، سري ۽ ڪراچيءَ جو سڄو شھر ۽ خود گاج ان تشڪيل جو حصو آهي. ملير جا مٿانھان ميدان گاج کان مٿي آهن. ڌاٻيجي، گهارو به ان تشڪيل جو حصو آهن. ان ۾ شيل اڪثر ڪري ڪونهي. ان ۾ پاڻيءَ جو چڱو مقدار آهي.
منڇر جوڙجڪ: مٿئين پالاسيوسين کان پلايوسين عھد (2-7 ملين سال) يوريشيائي زمين سان اپکنڊ جي ٽڪراءَ، هماليه ۽ ٻين سلسلن جي اڀرڻ جو زمانو آهي. سنڌ ۾ ان عھد جي جوڙجڪ 1000 کان 9000 فوٽن جي تھه تي مشتمل آهي. مٿيون مرحلو 500 فوٽ، وچون مرحلو 500 کان 4600 فوٽ ۽ هيٺيون مرحلو 500 کان 4000 فوٽ آهي. پھرئين مرحلي جي جوڙجڪ گول پٿرين جي ڪنگلامرٽ آهي ۽ اها کيرٿر جي اڀرندين لاهين سان نئن نري جي اتر ۾ آهي. ٻيو مرحلو نارنگي مٽي تي ناسي وارياسي پٿر سان ناقص ڪنگلامرٽ تي مشتمل آهي ۽ کيرٿر سلسلي جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي. ٽيون مرحلو اڇي سرمائي ۽ ناسي وارياسي پٿر ۽ نارنگي ڳاڙهي مٽيءَ تي ٻڌل الھندي سنڌ ۾ آهي. هي ٿلهو، وڏن تھن وارو سرمائي ريتيلو پٿر آهي ۽ ڪنگلامرٽ حالتن ۾ به ملي ٿو. جنھن جي گاجناڙين ننڍڙين گول پٿرين ۽ گول جِنبُن طور درجي بندي ڪري سگهجي ٿي. ان ۾ پٿرايل ٻيلو آهي، جنھن ۾ ٿڙن جا ٽڪرا ڏسجن ٿا. ان ۾ مٽيءَ جو به وڏو مقدار آهي. سيوهڻ کان اتر ۾ اهو حصو گاج نئن وٽ ۽ وري ڏکڻ ۾ لڪي شاهه صدر کان رني ڪوٽ سلسلي ۽ پوٺن جي وچ ۾ هلندو وڃي ٿو.


لفظ کير ٿرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو